نگران صوبائي وزير بلديات، هائوسنگ، ٽائون پلاننگ، بحاليات محمد مبين جماڻي چيو آهي ته چونڊ وقت تي ٿيندا يا نه اهو اليڪشن ڪميشن هي ٻڌائي سگهي ٿو، اسان امانت طور آيا هون جيستائين اليڪشن نه ٿيندا اسان پنهنجي خدمت ادا ڪندا رهنداسين جيئن اليڪشن ٿيندا اسان هليا وينداسين.

آفيس آف دي ڊپٽي ڊائريڪٽر انفارميشن خيرپور
خيرپور 18 جنوري 2024 ؛.نگران صوبائي وزير بلديات، هائوسنگ، ٽائون پلاننگ، بحاليات محمد مبين جماڻي چيو آهي ته چونڊ وقت تي ٿيندا يا نه اهو اليڪشن ڪميشن هي ٻڌائي سگهي ٿو، اسان امانت طور آيا هون جيستائين اليڪشن نه ٿيندا اسان پنهنجي خدمت ادا ڪندا رهنداسين جيئن اليڪشن ٿيندا اسان هليا وينداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪوٽ ڏجي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. محمد مبين جماڻي چيو ته ايران ۽ پاڪستان جا تعلقات هڪ ٿيڻ گهرجن ايران ۾ اسانجي مقدس زيارتون آهن ايران ۽ پاڪستان مسلم ملڪ آهن ڪشيدگي ختم ٿيڻ گهرجي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته گهٽ وقت ۾ مڪاني اداري ۾ بهتري آڻي آهي ث روڊ ميپ ڏنو آهي جيڪڏهن اچڻ وارا ان تي عمل ڪندا ته بهتر ٿي ويندو. هڪ سوال جي جواب ۾ محمد مبين جماڻي چيو ته چيو ته جيڪڏهن بلديات کاتي جا آفيسر ڪنهن سياسي جلسي ۽ ڪارنر ميٽنگ ۾ نظر اچن ٿا ۽ انهن جا ثبوت مليا ته ڪاروائي ضرور ٿيندي. نگران صوبائي وزير محمد مبين جماڻي چيو ته عوام ووٽ ڪنهن کي ڏيڻ چاهن ٿا اهڙو فيصلو هو پاڻ ڪنداجيڪي انهن سان مشڪل وقت ۾ ساٿ هيا يا نه هئا هو عوام کي خبر هوندي ووٽ سوچي سمجهي ڏين. هن چيو ته مان هميشه انسانيت خاطر عوام جي خدمت ڪئي آهي ۽ ڪندو رهندس مان ڪڏهن به ڪنهن کان ووٽ ناهي گهريو.
==========================

https://www.youtube.com/watch?v=ak0DHASC

اپنا تبصرہ بھیجیں