
07 مئي 2023
پريس پڌرائي
حيدرآباد (پ ر) عوامي جمهوري پارٽي جو مرڪزي اجلاس صدر ايڊووڪيٽ سيد لعل شاه جي صدارت هيٺ ٿي گذريو جنهن ۾ رشيد سڌايو خادم ٽالپر نور نبي راهوجو ادي نظير قريشي ڊاڪٽر اسلم پرويز عمراڻي غلام قمبر حاجاڻو ۽ گلاب راءِ سميت مرڪزي ڪميٽي جي ميمبرن ڀرپور شرڪت ڪئي۔
اجلاس ۾ اڳواڻن چيو آھي تہ ايم ڪيو ايم ۽ جماعت اسلامي جي بليڪ ميلنگ ۾ اچي فرمائشي مردمشماري ڪئي پئي وڃي جنهن ۾ ڪراچي جا ڪوڙا انگن اکر وڌائي ۽ سنڌ جي ٻهراڙي جي آدمشماري گهٽائي پئي وڃي جنهن کي اسين رد ڪريون ٿا صرف ڪراچي ۾ فرمائشي مردمشماري جو مدو وڌائڻ سنڌ تي حملو آھي, جعلي آدمشماري قبول ناھي. ڊجيٽل آدمشماري ذريعي سنڌ کي نشانو بنايو پيو وڃي. ڪوڙي آدمشماري کي سنڌ جا ڪروڙين ماڻھو رد ڪري چڪا آھن. ايم ڪيو ايم ۽ جماعت اسلامي جي چوڻ تي اسان تي ڪوڙي آدمشماري مڙھي وئي آھي. جماعت اسلامي جي حافظ نعيم جي تعصب پرست بيانن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا۔
هنن چيو ته خيرپور ناٿن شاه ايم اين وي ڊرين ايف پي بند ۽ سپريو بند ۽ خدا واه جي لڳل گهارن کي بند ڪيو وڃي جيئن ايندڙ مون سون جي برساتن ۾ ٻوڏ کان بچي سگهجي۔
درياخان شيخ
مرڪزي پريس ترجمان
عوامي جمهوري پارٽي


