
ڪراچي (31 ڊسمبر 2023) سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس مقبول باقر ڪراچي پريس ڪلب جي چونڊن ۾ ڪامياب ٿيل اميدوارن کي واڌايون ڏيندي چيو آهي ته چونڊ عمل جمهوري نظام جو حسن آهي ۽ عوام جي نمائندگي ڪندي نوان چونڊيل عهديدار صحافت جو علم بلند رکندا. هن چيو ته مان نئين چونڊيل صدر سعيد سربازي، سيڪريٽري شعيب احمد، نائب صدر رشيد ميمڻ، جوائنٽ سيڪريٽري محمد منصف خان، خزانچي احتشام سعيد قريشي ۽ گورننگ باڊي جي ميمبرن شمس ڪيريو، شازيه حسن، نور محمد ڪلهوڙو، نواب قريشي، مونا صديقي، رانا جاويد، شعيب احمد سميت ڊيموڪريٽس پينل جي سمورن ميمبرن کي ڪاميابي تي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. ھن چيو تھ سندس اميد آھي ته نئون چونڊيل پينل صحافين جي بهتر خدمت ڪندو.
عبدالرشيد چنا
ترجمان وزيراعليٰ سنڌ
========================
https://www.youtube.com/watch?v=ak0DHASC


