
ڪراچي (15 نومبر) سنڌ جي وڏي وزير سید مراد علي شاهه برطانوي ڪنگ چارلس (ٽيون) جي 76هين سالگرهه جي تقريب ۾ برطانوي قونصليٽ جي شرڪت تي خوشي جو اظهار ڪندي تقريب کي فن، موسيقي ۽ دوستي کي هٿي وٺرائڻ جو سبب قرار ڏنو. ڪراچي ۾ برطانوي قونصليٽ پهچڻ تي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر وڏي وزير جو شاندار استقبال ڪيو. پنهنجي خطاب ۾ مراد علي شاهه سنڌ جي عظيم ثقافتي ورثي، موسيقي، شاعري ۽ فن سان ان جي لاڳاپن کي اجاڳر ڪيو. وڏي وزير چيو ته سنڌ هزارين سالن کان موسيقي، شاعري ۽ فن تي مشتمل ثقافت جي ڌرتي رهي آهي. سنڌ جي فنڪارن دنيا جي موسيقيءَ تي گهرا تاثر ڇڏيا آهن. وڏي وزير عظيم ثقافتي ورثي جي تحفظ لاءِ عزم جو اظهار ڪندي چيو ته سنڌي ثقافتي ڏهاڙو ۽ ٻين پروگرامن جو مقصد فن ۽ آرٽ جي واڌاري لاءِ ثقافتي ورثي جو تحفظ ڪرڻ آهي. مراد علي شاهه چيو ته برطانيا ۽ سنڌ ٻنهي ۾ هڪ جهڙيون تخليقي روايتون آهن جن عالمي موسيقي ۽ فن تي اثر ڇڏيو آهي. ثقافتي پارٽنرشپ جي اهميت تي ڳالهائيندي مراد علي شاهه چيو ته اهڙن پروگرامن ذريعي زندگي جا نوان خيال پيدا ٿيندا آهن، صلاحيتن ۽ ثقافتن جي
مٽاسٽا سان اسان جي وچ ۾ دوستي ۽ باهمي احترام وڌندو آهي. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه شاه چارلس (ٽيون) کي سندس 76 هين سالگرهه تي سنڌ جي عوام طرفان دل جي گهراين سان واڌايون ڏيندي اميد ظاهر ڪئي ته هو وڌيڪ سال امن، صحت ۽ خوشين سان گذارين ۽ وڏي وزير سنڌ ۽ برطانيه وچ ۾ ويجها ثقافتي لاڳاپا قائم ڪرڻ جي اهميت تي پڻ زور ڏنو. تقريب ۾ ثقافتي مٽاسٽا ۽ ڀائيواري جي جذبي سان گڏ سڀني فڪر جي ماڻهن سان موسيقي، فن ۽ دوستي جو جشن ملهايو ويو. وڏي وزير برطانوي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر کي هاءِ ڪميشن پهچڻ تي گلن جو گلدستو پيش ڪيو ۽ ڪنگ چارلس (ٽيون) کي سندس 76 هين سالگرهه جي مبارڪباد ڏني.
عبدالرشيد چنا
ميڊيا ڪنسلٽنٽ، وزيراعليٰ سنڌ
==========================================

Sohaib Super Store
·
اجرک سوٹ 3 پیس
سندھی کڑاھی شرٹ دوپٹہ کڑھائی کے ساتھ
3,000/- روپے ……
( 03094386375 )
WhatsApp

8 رنگ والا بلوچی کڑاھی سوٹ
قیمت 4,000 روپے
( 03094386375 )
WhatsApp

Embroidery Ladies Suit
( 3,000/- )روپے
For Order Please Contact
( 03094386375 )
WhatsApp
================================


