ترجمان واٽر ڪارپوريشن موجب ڌاٻيڄي پمپنگ اسٽيشن تي ڪي اليڪٽرڪ پاران 2023.24 جي سالياني مرمت جي ڪم سبب 21 نومبر تي ڌاٻيڄي پمپنگ اسٽيشن جي مختلف فيڊرز کي بجلي جي فراهمي جزوي طور بند رھندي،

ڪراچي:- ( ) ترجمان واٽر ڪارپوريشن موجب ڌاٻيڄي پمپنگ اسٽيشن تي ڪي اليڪٽرڪ پاران 2023.24 جي سالياني مرمت جي ڪم سبب 21 نومبر تي ڌاٻيڄي پمپنگ اسٽيشن جي مختلف فيڊرز کي بجلي جي فراهمي جزوي طور بند رھندي، بيان ۾ ٻڌايو ويو تہ مرمتي ڪم 21 نومبر جي صبح 9 وڳي کان رات 9 وڳي تائين جاري رهندو، شٽ ڊائون جو مدو مجموعي طور تي 12 ڪلاڪ ھوندو، ڪي اليڪٽرڪ پاران سالياني مرمت جي ڪم سبب شهر کي 165 ايم جي ڊي پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏيڻو پوندو، ان سلسلي ۾ ترجمان واٽر ڪارپوريشن شهرين کي درخواست ڪندي چيو تہ اھي پاڻي جو ذخيرو ڪن ۽ ان کي احتياط سان استعمال ڪن تہ جيئن ڪنھن بہ پريشاني کان بچي سگھجي.

جاري ڪندڙ:- عبدالقادر شيخ
پبلڪ ريليشنز آفيسر (پي-آر-او)
ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن
=================

https://www.youtube.com/watch?v=ak0DHASC

اپنا تبصرہ بھیجیں