واپڊا کاتي مڪلي جي ملازم چوڪيدار غلام قادر ميربحر مڪلي تي صحافين اڳيان دانھيندي چيو آھي تہ کيس ھڪ سال اڳ واپڊا ملازمن جي رھائشي ڪالوني مڪلي ۾ ھڪ ڪواٽر ڏنو ويو آھي،

ٺٽو(رپورٽ علي گوهر قمبراڻي) واپڊا کاتي مڪلي جي ملازم چوڪيدار غلام قادر ميربحر مڪلي تي صحافين اڳيان دانھيندي چيو آھي تہ کيس ھڪ سال اڳ واپڊا ملازمن جي رھائشي ڪالوني مڪلي ۾ ھڪ ڪواٽر ڏنو ويو آھي، جنھن جي ڪافي سالن کان مرمت نہ ٿيڻ ڪري انتھائي زبون حال بڻجي ويو آھي، جنھن ۾ ھاڻي ھن جو ٻچن سان رھڻ بہ خطرناڪ بڻجي ويو آھي، جنھن مان روزانو چاپڙا ڪرڻ بہ معمول بڻيل آھي، جنھن ڪري ھو ۽ سندس گھرڀاتي ھميشہ خطري ھيٺ آھن، چوڪيدار غلام قادر ميربحر چيو تہ ڪافي ڀيرا حيسڪو جي اعلي اختيارين سميت يونين اڳواڻن کي زباني توڙي لکت ۾ درخواستون ڏنيون اٿم پر سندس زبون حال رھائشي ڪواٽر جي مرمت ٿي ناھي سگھي، جنھن ڪري سندس ۽ سندس گھر ڀاتين جون حياتيون خطري ھيٺ آھن. ان کانسواء واپڊا ملازمن جي رھائشي ڪالوني جي گٽرن ۽ پاڻي جون لائينون بہ ٽٽي ويون آھن، جنھن ڪري وقت سر پيئڻ جو پاڻي بہ نصيب نٿو ٿئي. ھن وس وارن کان انصاف جو مطالبو ڪندي سندس زبون حال ڪواٽر جي مرمت ڪرائي کين امڪاني نقصان کان بچائڻ سميت ٽٽل گٽرن ۽ پاني جون لائينون جوڙي پريشاني کان بچائڻ جي گھر ڪئي اھي.
========================

اپنا تبصرہ بھیجیں