„تيز برساتن سان ٻوڏ ۽ پهاڙي کِسڪڻ جو امڪان“

9
کان 10 جولاءِ دوران ڳري / انتهائي ڳري برسات سبب مري، گليات، مانسهره، ڪوھستان، ايبٽ آباد، بونير، چترال، دير، سوات، شانگله، نوشهره، صوابي، مردان، اسلام آباد / راولپنڊي، ڊي جي خان، اتر اوڀر پنجاب، ڪشمير ۽ بلوچستان (بارخان، ڪوھلو، موسيٰ خيل، ڊيره بگٽي، نصيرآباد، سبی، لورالائي، ژوب، قلات، خضدار، لسبيلا، آواران، پنجگور، تربت) جي علائقن ۾ مقامي ۽ برساتي نالن ۾ طغياني جو خدشو آهي.

ڀاري برسات سبب خيبرپختونخوا، مري، گليات ۽ ڪشمير ۾ پهاڙن تان پٿر ڪرڻ ۽ لينڊ سلائيڊنگ سبب ٽرئفڪ جي آمدرفت ۾ رڪاوٽ اچي سگهي ٿي. سخت برسات سبب اسلام آباد / راولپنڊي، گوجرانواله، لاهور، سيالڪوٽ، سرگودھا، فيصل آباد، نوشهره ۽ پشاور جا گهٽ علائقا پاڻي هيٺ اچڻ جو خطرو آهي. عوام کي احتياط ڪرڻ جي هدايت ڏني وئي آهي.

اربع ڏينهن اسلام آباد، پنجاب، خيبرپختونخوا، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان گڏ برسات جو امڪان آهي. ان دوران اتر خيبرپختونخوا، ڪشمير ۽ اتر اوڀر بلوچستان ۾ ڪي هنڌ ڳري برسات به ٿي سگهي ٿي.

خميس تي به پنجاب، خيبرپختونخوا، ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ اسلام آباد ۾ تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان گڏ برسات جو امڪان آهي، جڏهن ته ڪشمير، اتر پنجاب ۽ اتر اوڀر بلوچستان ۾ ڪي هنڌ انتهائي ڳري برسات جو به امڪان آهي.

گذريل 24 ڪلاڪن دوران پنجاب، اسلام آباد، خيبرپختونخوا، ڪشمير، اتر اوڀر بلوچستان ۽ پڊعيدن ۾ گجگوڙ سان گڏ برسات ٿي، ڪي هنڌ انتهائي ڳري برسات به رڪارڊ ٿي. گلگت بلتستان ۾ هلڪي برسات ٿي.

گهڻي برسات (ملی ميٽر): پنجاب: راولپنڊي (شمس آباد 65، چڪلاله 42، پير ودھائي 18، ڪچهري 12)، اسلام آباد (سٽي 63، سيدپور 62، گولڙه 33، ايئرپورٽ 25، بوکره 21)، خاني وال 51، ساهيوال 44، مري 41، فيصل آباد 36، لاهور ايئرپورٽ ۽ اوڪاڙه 30، شيخُوپوره 28، منڊي بهاءُ الدين 27، منگلا 24، لاهور سٽي 23، جهلم 18، ٽوبہ ٽيڪ سنگھ 13، ملتان ايئرپورٽ 6، گوجرانواله ۽ بهاولپور سٽي 3، گجرات ۽ قصور 2، بهاولنگر 1، خيبرپختونخوا: ڪاڪول 55، مالم جبه 43، دير 26، پٽن 17، سيدو شريف 14، تخت ڀائي 12، بالاکوٽ 11، لوئر دير 4، ڪشمير: مظفرآباد ايئرپورٽ ۽ سٽي 44، ڪوٽلي 23، راولاڪوٽ 20، ڳڙهي دوپٽہ 18، بلوچستان: لسبيلا 4، سنڌ: پڊعيدن ۾ 1 ملی ميٽر برسات ٿي.

گذريل ڏينهن ۾ سڀ کان وڌيڪ گرمي پد: نوڪنڊي، دالبندين 45 ڊگري سينٽي گريڊ، چلاس 42، تربت، بهاولنگر ۽ نورپور ٿل ۾ 41 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ٿيو.

اربع ڏينهن اسلام آباد ۽ ڀرپاسي ۾ آسمان ابر آلود رهڻ ۽ تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان گڏ برسات ۽ ڪي هنڌ انتهائي ڳري برسات جو امڪان آهي. خميس تي به اسلام آباد ۽ ڀرپاسي ۾ ساڳي موسم جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.

اپنا تبصرہ بھیجیں