سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، خميس ڏينهن وزيراعليٰ هائوس ۾ آمريڪا جي نون قونصل جنرل چارلس گڊمَن جو ڀليڪار ڪيو۔


ڪراچي (28 آگسٽ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، خميس ڏينهن وزيراعليٰ هائوس ۾ آمريڪا جي نون قونصل جنرل چارلس گڊمَن جو ڀليڪار ڪيو۔ وڏي وزير چارلس گڊمَن کي سنڌ ۾ ذميواريون سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ کين صوبائي حڪومت پاران مڪمل سهڪار ۽ حمايت جي ڀرپور خاطري ڪرائي۔ سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ هڪ عظيم ثقافتي صوبو آهي جيڪو 5 هزار سال پراڻي موئن جو دڙو جي تهذيب جو وارث آهي۔ هن وڌيڪ چيو ته سنڌ جا ماڻهو مذهب ۽ ذات پات جي فرق کان مٿانهون ٿي محبت ۽ ڀائيچاري سان گڏ رهن ٿا۔ قونصل جنرل چارلس گڊمَن وڏي وزير جو استقبال تي ٿورا مڃيندي چيو ته هو سنڌ جي ثقافتي ورثي کي ويجهو ڏسڻ جو منتظر آهي۔ هن چيو ته ڪراچي هڪ خوبصورت شهر آهي ۽ هو صوبو جي تاريخي ۽ ثقافتي هنڌن جو دورو ڪندو۔ هن وڌيڪ چيو ته کيس کاڌا پچائڻ جو شوق آهي ۽ ڪراچي جي لذيذ کاڌن جي شهرت سبب هو شهر جي ذائقن کي چکڻ لاءِ بي تاب آهي۔ ملاقات ۾ ڪراچي جي موجوده صورتحال، تازي شديد برساتن ۽ انهن جي اثرن تي پڻ خيالن جو ڏي وٺ ڪيو ويو۔ قونصل جنرل مون سون برساتن سبب جاني نقصان تي افسوس جو اظهار ڪيو۔ اجلاس ۾ پنجاب ۾ آيل ٻوڏ ۽ ان جا سنڌ تي ممڪن اثرات تي به ڳالهايو ويو۔ وڏي وزير قونصل جنرل کي خاطري ڪرائي ته سنڌ ۾ سندن قيام خوشگوار ۽ نتيجوخيز ثابت ٿيندو۔
عبدالرشيد چنا
ميڊيا ڪنسلٽنٽ، وزيراعليٰ سنڌ

اپنا تبصرہ بھیجیں