پيپلزپارٽي خواتين ونگ جي سربراهه ايم پي اي فريال ٽالپر سان نئون ديرو هائوس ۾ ڪالهه لاڙڪاڻو پريس ڪلب جي وفد اهم ملاقات ڪئي،

لاڙڪاڻو(بيورورپورٽ) پيپلزپارٽي خواتين ونگ جي سربراهه ايم پي اي فريال ٽالپر سان نئون ديرو هائوس ۾ ڪالهه لاڙڪاڻو پريس ڪلب جي وفد اهم ملاقات ڪئي، ان موقعي تي فريال ٽالپر چيو ته پيپلزپارٽي جي حڪومت لاڙڪاڻي ۾ شهرين جي بنيادي سهولتن بابت بهتر ڪم ڪيو آهي، صفائي جو انتظام بهتر ڪرڻ سان گڏ هر گهٽي ۾ پيور بلاڪ لڳايا ويا آهن، شهر ۾ ڪيترائي تعليمي ادارا قائم ٿيا آهن ۽ ڪجهه کي اپ گريڊ به ڪيو ويو آهي،

لاڙڪاڻي ۾ سنڌ حڪومت پاران 600 بسترن جي نئين جديد سهولتن واري اسپتال تعمير ڪري رهي آهي، ان موقعي تي صحافين جي وفد جي اڳواڻي ڪندڙ پريس ڪلب جي صدر نويد لاڙڪ، نائب صدر مرتضيٰ ڪلهوڙو،

جنرل سيڪريٽري عبدالقادرجاگيراڻي، سينئر صحافي عاشق پٺاڻ، معشوق اوڍاڻو، ڊاڪٽر بدر شيخ سميت صحافين پاران ايم پي اي فريال ٽالپر پريس ڪلب جي دوري جي دعوت ڏني، گڏجاڻي ۾ ايم پي اي سهيل انورسيال، ضلعي ڪائونسل جو چيئرمين اعجاز احمد لغاري ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.

https://www.youtube.com/watch?v=5uur1wv4yi

اپنا تبصرہ بھیجیں