
ٺٽو(رپورٽ علي گوهر قمبراڻي) ملڪ ۾
وڌندڙ مهنگائي ۽ پئٽروليم جا اگھ وڌڻ خلاف ٺٽي جا وڪيل به سراپا احتجاج بڻجي ويا، عدالتي ڪاروائين جو بائيڪاٽ ڪري احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، تفصيل موجب سيشن ڪورٽ ٺٽو سميت ماتحت عدالتن ۾ وڪيلن پاران احتجاج طور عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪري هڙتال ڪئي ويئي،
ڊسٽرڪٽ بار ايسوسئيشن ٺٽو جي صدر اعزاز شاھ، جنرل سيڪريٽري منصور ترڪ، ناصر عباسي، امداد سرڪي، شبير ڪنڀار، واحد ميمڻ، اعجاز سولنگي، حسين شيخ، اعجاز شاھ، صدام عباسي، عبدالمجيد سمون ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مڪلي تي سيشن ڪورٽ بار روم مان ڪورٽ جي ٻاهرين گيٽ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي نعريبازي ڪندي چيو تہ ڏيڍ سالن جي عرصي ۾ مهنگائي خطرناڪ حد تائين وڌي ويئي آھي، ماڻھو خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور بڻيل آھن، بجلي ۽ گئس جي بِلن ۾ مسلسل واڌ سبب عوام کان جيئڻ جو حق کسيو ويو آھي. ھنن گھر ڪئي تہ مھنگائي تي ڪنٽرول ڪري عوام کي جيئڻ جو حق ڏيئي عام واھپي سميت تيل جا اگھ گھٽ ڪري عوام کي خودڪشيون ڪرڻ ۽ بک مرڻ کان بچايو وڃي.
============================
ٺٽو(رپورٽ علي گوهر قمبراڻي) ميرپورساڪرو شھر ۾ گذريل ڏينهن وزني ٽرالر مان بلاڪ رڪشا مٿان ڪِرڻ سبب زخمي ٿيل راهگير اشتياق راجپوت به زخمن جا تاب نه سهندي ڪراچي جي اسپتال ۾ فوت ٿي ويو، فوتين جو انگ وڌي 2 ٿي ويو اھي. ياد رھي تہ ڪالھ ميرپور ساڪرو شھر جي مين اسٽاپ تي ٽرالر مان وزني بلاڪ رڪشا مٿان ڪِرڻ سبب رڪشا ڊرائيور الهڏنو واريو بروقت چيڀاٽجي فوت ٿي ويو هو، جڏھن ته 2 راهگير اشتياق ۽ پرويز سخت زخمي ٿي پيا هئا،
جنکي ڪراچي نيو ويو هو، جن مان ھڪ راھيگير زخمي اشتياق راجپوت ڪراچي جي اسپتال ۾ زخمن جا تاب نه سهندي دم ڏيئي ڇڏيو، جيڪو ڪراچي جي ناظم آباد جو رهواسي ٻڌايو پيو وڃي، ھن افسوسناڪ حادثي ۾ فوتين جو انگ وڌي 2 ٿي ويو، گذريل ڏينهن حادثي سبب 4 ڪلاڪن تائين ريسڪيو ڪري وزني سيمنٽ جي بلاڪن کي هٽائي رڪشا کي آجو ڪري فوتي ۽ زخمين کي ڪڍيو ويو هو، جن مان ھڪ زخمي پرويز اڃان بہ علاج ھيٺ آھي، ميرپور ساڪرو پوليس وزني ٽرالر کي تحويل ۾ وٺي وڌيڪ جانچ جاري ڪري ڇڏي اھي، جڏھن تہ فوتي ڊرائيور جي گھر ۾ ڪھرام متل آھي.
=============================
امام حسين عليه السلام دين اسلام جي بلندي لاءِ لازوال ۽ بي مثال قرباني ڏني. غلام فاروق سومرو
عالمن کي گهرجي ته هو پاڻ ۾ مذهبي هم آهنگي، رواداري ۽ ڀائيچاري جي فضا قائم رکڻ لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪن. ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو
ٺٽو(رپورٽ علي گوهر قمبراڻي) ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو غلام فاروق سومرو چيو آهي ته ڪربلا جو واقعو حق ۽ باطل جي وچ ۾ عظيم جنگ هئي جنهن ۾ رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم جي ڏوھٽي امام حسين عليه السلام دين اسلام جي بُلندي لاءِ لازوال ۽ بي مثال قرباني ڏني ۽ ڪربلا جي ميدان ۾ حق ۽ باطل جي جنگ ۾ اهڙا ڪيترائي واقعا پيش آيا جيڪي نه صرف اسلامي تاريخ ۾ پر انساني تاريخ ۾ به ابدي آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪربلا جي شهيدن جي چهلم جي موقعي تي سڪيورٽي، صفائي سٿرائي ۽ ٻين انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ ڪوٺايل اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. ان موقعي تي ايس ايس پي عديل حسين چانڊيو ۽ اسسٽنٽ ڪمشنرن کان علاوه پبلڪ هيلٿ، حيسڪو، ميونسپل، ٽائون ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن، شيعه علماءِ ڪائونسل جي اڳواڻن ۽ ٻين مختلف مڪتبہ فڪر جي عالمن ۽ اڳواڻن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر سمورن عالمن، اڳواڻن ۽ عزادارن تي زور ڀريو ته ڪربلا جي چہلم جي موقعي تي حضرت امام حسين عليه السلام سميت سمورن شهيدن جي چاليھي جي موقعي تي پاڻ ۾ مذهبي هم آهنگي، رواداري ۽ ڀائيچاري جي فضاء قائم رکڻ لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪن ته جيئن چاليھي جي موقعي تي مجلسون، ماتمي جلوس ۽ ٻيا مذهبي پروگرام پرامن طريقي سان اختتام ٿي سگهن. ڊپٽي ڪمشنر چيو ته ٺٽو ضلعو پرامن رهيو آهي، پوليس پاران سيڪيورٽي جا فول پروف انتظام ڪيا ويا آهن ان جي باوجود رينجرز به امن امان جي بحالي لاءِ پوليس سان گڏ پنهنجا فرض سرانجام ڏيندي. هن پبلڪ هيلٿ ۽ سمورن ٽائون آفيسرن کي هدايتون ڏيندي چيو ته چاليھي جي موقعي تي شهرن ۾ صفائي سٿرائي، پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي، نيڪال ۽ روشني جا بهتر انتظام ڪيا وڃن. ڊپٽي ڪمشنر صحت کاتي جي آفيسرن کي پڻ هدايت ڪئي ته چاليھي جي موقعي تي برآمد ٿيندڙ ماتمي جلوسن جي رستن تي ميڊيڪل ڪيمپون قائم ڪرڻ سميت ايمبولينس جي موجودگي کي يقيني بڻائين. هن حيسڪو آفيسرن کي هدايت ڪئي ته هو چاليھي جي موقعي تي خاص ڪري رات جي وقت لوڊشيڊنگ کان پاسو ڪن ۽ جلوس جي رستن تي بجليءَ جي تارن کي مٿي ڪيو وڃي. ان موقعي تي ايس ايس پي عديل حسين چانڊيو چيو ته چاليھي جي موقعي تي ضلعي ۾ ماتمي جلوسن جي سڪيورٽي لاءِ ڪانٽيجسي پلان تحت فول پروف انتظام ڪيا ويا آهن. ان کان اڳ اجلاس کي سمورن لاڳاپيل آفيسرن پنهنجي لاڳاپيل کاتن جي طرفان انتظامن بابت تفصيلي بريفنگ پڻ ڏني.
==================================

=====
ٺٽو(رپورٽ علي گوهر قمبراڻي) ٺٽي ۾ ڏوھن تي ضابطو نہ اچي سگھيو، وڌيڪ ھڪ وڪيل پنھنجي فيملي سميت ڦرجي ويو، انتظاميہ خاموش بڻيل، تفصيل موجب گُذريل رات ٺٽي جو ناميارو وڪيل قربان هالو پنھنجي فيملي سان گڏ ٺٽي کان مڪلي پنهنجي گهر ويندي مڪلي ٿاڻي ويجھو مڪلي گولائي وٽ نامعلوم ھٿياربند ڦورن ھٿان ڦُرجي ويو، پوليس وٽ رپورٽ درج ڪرائڻ باوجود پوليس ڪابہ ڪاروائي ڪري ناھي سگھي، پوليس پاران ڏوھارين خلاف ڪاروايون نہ ٿيڻ ڪري ٺٽي جا شھري عدم تحفظ جو شِڪار بڻيل آھن، جن فورن ڏوھارين خلاف ڪاروائي ڪري عوام کي تحفظ مھيا ڪرڻ جي گھر ڪئي آھي.
===================

ٺٽو(رپورٽ علي گوهر قمبراڻي) شهيد مير مرتضي ڀٽو جي فرزند جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو جهمپير لڳ ڳوٺ نبي بخش پالاري ۾ پھچي ڪمال پالاري پاران ڏنل آجياڻي ۾ شرڪت ڪئي، جنھن بعد ڳوٺاڻن سان گڏجي ڪينجھر ڍنڍ جو پڻ دورو ڪيو، آجياڻي تقريب ۾ ڳوٺاڻن ڪمال پالاري، حاڪم پالاري، علي اڪبر پالاري، ميان بخش پالاري، عبدالحميد پالاري ۽ ٻين پاران سندس ڀرپور آجيان ڪري کيس سنڌ جي سوکڙي اجرڪن ۽ لونگين جا تحفا پيش ڪيا، ان موقعي تي شهيد مير مرتضي ڀٽو جي فرزند جونئير ذوالفقار ڀٽو ڳالھائيندي چيو ته ڪوهستان قدرتي وسيلن سان مالا مال آهي، هتي جھنگلي جيوت پڻ وڏي تعداد ۾ موجود آهي ان جي پڻ حفاظت ٿيڻ گهرجي، جونيئر ذوالفقار ڀٽو پاران ڳوٺ نبي بخش پالاري پاران قائم ڪيل تتر پکين جي رک جو معائنو ڪندي وڌيڪ چيو ته ڪينجهر ڍنڍ کي ماحولياتي آلودگي کان بچائڻ گھرجي جيئن ڍنڍَ ۾ آبي جيوت ايندڙ پرڏيھ مان مهمان پکي پڻ محفوظ بڻجي سگهن، ھن چيو تہ ڪوهستان جيڪو قدرتي حسناڪين جا منظر ڏئي ٿو هن علائقي ۾ قدرتي معدنيات آب هوا وسيلي ونڊ پروجيڪٽ وسيلي بجلي پڻ موجود آهي ڪوهستان جو علائقو ڏسي انتهائي خوشي محسوس ڪيم هتي جي رهواسين جي رهڻي ڪھڻي پڻ منفرد آهي هتي جو ماحول پڻ پر امن آهي، ھن چيو تہ کيس وقت مليو تہ ھو ھتي ايندو رھندو.
==========================

ٺٽو(رپورٽ علي گوهر قمبراڻي) جماعت اسلامي ٺٽو پاران مھنگائي توڙي تيل جي قيمتن ۾ اضافي خلاف ڏنل ھڙتال جي سڏ تي ٺٽو ۽ مڪلي شھر م پئٽرول پئمپن سميت سمورو ڪاروبار بند رھيو، جماعت اسلامي جي ڪارڪنن جو شھرن ۾ گشت پڻ جاري رھيو، بئي طرف جماعت اسلامي ٺٽو پاران مھنگائي خلاف ھڪ احتجاجي مظاھرو ٺٽي ۾ جماعت اسلامي جي اڳواڻن الطاف احمد ملاح، عبدالله آدم گندرو، غلام شفيع سمون، عبدالمجيد سمون، مولانا عطاء الرحمن بلوچ، شاھنواز بروھي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪندي چيو آھي تہ ملڪ ۾ وڌندڙ مھنگائي عوام جي چيلھ چٻي ڪري وڌي اھي، ھڪ طرف بجلي جي قيمتن ۾ اضافي سميت بلن ۾ ناجائز ٽيڪس لاڳو ڪئي ويئي اھي تہ ٻئي طرف پئٽرول، ڊيزل جي قيمتن سميت اٽي، کنڊ، گيھ سميت سموري عام واھپي جي شين ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافو ڪري عوام کي خودڪشين تي مجبور ڪيو ويو اھي، ھنن گھر ڪئي تہ مھنگائي تي ڪنٽرول ڪري بجلي جي قيمتن ۾ ڪمي ڪري بلن ۾ لڳندڙ ناجائز ٽيڪس ختم ڪري سرڪاري آفيسرن، حڪومتي اھلڪارن کي مفت بجلي، پئٽرول ۽ بين مراعتون ختم ڪري عوام کي مھنگائي مان نجات ڏياري کين جيئڻ جو حق ڏيئي بک ۽ بدحالي کان بچائي عام واھپي جي شين جا اگھ گھٽايا وڃن. ھنن آخر ۾ شھرين ۽ واپارين جو تعاون ڪرڻ تي پڻ ٿورو مڃيو.
=============================

ٺٽو(رپورٽ علي گوهر قمبراڻي) گورنمينٽ بوائز ڪيمپس اسڪول مڪلي ۾ شاھ عبدللطيف ڀٽائي کي خراج تحسين پيش ڪرڻ لاءِ اسڪول اسيمبلي ۾ عالم سڀ آباد ڪرين جي عنوان هيٺ 28 آگسٽ کان 2 سيپٽمبر 2023 تائين ھفتو اسڪول اسيمبلي دوران ملھايو ويو، ان موقعي تي خطاب ڪندي مقررين چيو تہ ھن هفتي کي ملهائڻ جو مقصد شاگردن ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي فڪر کي عام ڪرڻ آھي. پروگرام ۾ اسڪول جي شاگردن شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي زندگيءَ، فن ۽ فلسفي تي تقريرون، بيت بازي ۽ ڊرائنگ ذريعي خراج تحسين پيش ڪيو.
پروگرام جي آخري ڏينهن شاگرد کي قلم تحفي طور ڏنا ويا. ان موقعي تي اسڪول ھيڊ ماستر بشارت الياس جوکيو، صوفي شاعر عبدالحميد مھراڻوي، پروگرام انچارج محمد صفدر ٺٽوي، نوجوان استاد شاعر سلمان جاکرو ۽ بين شاگردن سان مخاطب ٿيندي چيو تہ شاھ لطيف جو پيغام پوري انسان ذات لاءِ روشني آھي، ھو ھڪ سچي انقلابي شاعر جيان پنھنجي ڌرتيءَ جي مظلومن جي حمايت ۾ لکندو رھيو، شاھه لطيف جي شاعري ھر دور جي شاعري آھي سدابھار شاعري آھي، ھن پنھنجي دور کان سواءِ سنڌ جي شاندار ماضي تي به لکيو آھي.هنن چيو ته شاھ لطيف جي شاعريءَ جتي انسانيت جو پيغام عام ڪيو آهي ، اتي هن تصوف جو به درس ڏنو آهي، شاھ صاحب جو محور سنڌ جي رهڻي ڪهڻي هتان جي ثقافت، حب الوطني سان جذبو، امن ڀائيچارو، محبت وارا داستان شاعري جا مرڪز رهيا. ھنن چيو ته شاھ لطيف جي شاعري سھپ ۽ رواداري جو درس ڏئي ٿي، شاھ لطيف جو سڄي دنيا لاءِ پيار جو پيغام اتساھيندڙ آھي، شاھ عبداللطيف ڀٽائي جو پيغام آفاقي ۽ ھر دور سان تعلق رکندڙ آھي، ان ڪري اسان جي تعليمي ادارن ۾ پڙھندڙ شاگردن، استادن توڙي سماج جي ھر فرد کي شاھ سائين جي آفاقي پيغام جو مطالعو ڪرڻ گھرجي.
===========

ٺٽو(رپورٽ علي گوهر قمبراڻي) ملڪ ۾ وڌندڙ مھنگائي خلاف عوام سراپا احتجاج بڻجي ويئي، ان سلسلي ۾ مڪلي جي ڪيترن ئي رھواسين پاران ھٿن ۾ بينر کڻي ٺٽي جي سماجي اڳواڻ گلاب لنڊ جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب مڪلي تي پھچي مھنگائي خلاف ھڪ احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھڻي سخت نعريبازي ڪندي گلاب لنڊ ۽ ٻين چيو تہ ملڪ ۾ ھٿرادو مھنگائي توڙي تيل جون قيمتون وڌائي عوام کي بک مرڻ تي مجبور ڪري ھر 15 ھين ڏينھن تيل جون قيمتون وڌائي عوام کان ھاڻي جيئڻ جو حق بہ کسيو پيو وڃي، جنھن ڪري غريب عوام خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور بڻيل آھي، ھنن گھر ڪئي تہ مھنگائي تي ڪنٽرول ڪري تيل جي اگھن کي گھٽائي عوام کي رليف مھيا ڪيو وڃي.
===============================

ٺٽو(رپورٽ علي گوهر قمبراڻي) چليا ويجھو چليا ٽول پلازہ وٽ ٺٽو/ حيدرآباد روڊ تي سوزوڪي ۽ ٽرڪ ۾ خوفناڪ ٽڪر 7 ڄڻا فوت، 7 ڄڻا زخمي، تفصيل موجب چليا لڳ چليا ٽول پلازہ وٽ ٺٽو/ حيدرآباد روڊ تي سوزوڪي ۽ ٽرڪ ۾ خوفناڪ ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا مقبول ولد انور ملاح، علو ولد سومار ملاح، رسولي ولد اوڀايو ملاح، علي شير ولد اوڀايو ملاح ۽ مولابخش ولد امام بخش ملاح موقعي تي فوت ٿي ويا، جڏھن تہ زخمي 2 ڄڻا مبارڪ شورو ۽ ھارون بنگالي ڪراچي اسپتال ۾ زخمن جا تاب نہ سھندي فوت ٿي ويا، جڏھن تہ 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا آھن، زخمين ۾ رفيق ملاح، غلام حيدر ملاح، عبدالحميد ملاح، پيربخش ملاح، گلشير ملاح، عبدالواحد ملاح ۽ بيا شامل آھن، فوتين جا لاش ۽ زخمين کي سول اسپتال مڪلي منتقل ڪيو ويو، جتان 5 فوتين جا لاش ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪرڻ سميت ڪراچي ۾ فوت ٿي ويلن 2 ڄڻن جا لاش پڻ چليا سندن گھرن تي پھچڻ تي گھرن ۾ ڪھرام مچي ويو، ھوڏانھن ڪجھ زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي ھجڻ ڪري کين وڌيڪ علاج لاء ڪراچي موڪليو ويو آھي، جڏھن تہ حادثي ۾ سوزوڪي مڪمل تباھ ٿي ويئي، جڏھن تہ ٽرڪ ڊرائيور ٽرڪ کي ڇڏي فرار ٿي ويو، زخمي ۽ فوتي چليا لڳ ڳوٺ رمضان ملاح جا رھواسي ٻڌايا پيا وڃن، جيڪي مبارڪ شورو سان گڏ سوزوڪي ۾ روزگار لاء مڇي جي تلاء تي وڃي رھيا ھئا تہ حادثي جو شڪار بڻجي ويا، اطلاع ملڻ تي اڳوڻي ايم پي اي سيد رياض حسين شاھ شيرازي، حاجي حنيف ميمڻ، ملاح اڳواڻ ڏاڏا آدم گندرو، وڏيرو محمد عرس گندرو، ڏونگر ڀنڀرو سميت سوين ملاح برادري جا ماڻھون اسپتال تي پھچي ويا، جن زخمين کي علاج ۾ مدد ڪرائي فوتين جا لاش پنھنجي اباڻي ڳوٺ روانا ڪرايا. ھن خوفناڪ ٿيل حادثي سبب علائقي ۾ ڏک ۽ سوڳ وارو ماحول ڇانيل اھي. ياد رھي تہ ھن روڊ کي ڊبل ڪرڻ دوران ھلندڙ ترقياتي ڪم دوران حادثن سبب ھڪ ھفتي اندر 15 کان وڌيڪ انساني جانيون ضايع ٿي چڪيون آھن، سمورن فوتين کي چليا لڳ قريشي قبرستان ۾ مٽي ماء حوالي ڪيو ويو. ھڪ ئي وقت سمورا جنازا کڄڻ تي ھر اک الي ٿي ويئي، جنازن ۾ سياسي، سماجي اڳواڻن، شھرين ۽ ڳوٺاڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، سندن تڏا چليا تي وڇايا ويا اھن، جتي فوتين جي وارثن سان تعزيتن جو سلسلو جاري اھي.
https://www.youtube.com/watch?v=ak0DHASC


