جي ڊي اي ء اتحادي جماعتن فراڊ اليڪشن وسيلي ٺھيل حڪومتن جي خاتمي تائين احتجاجي تحريڪ جاري رکڻ جو اعلان ڪندي پي ٽي آئي جي سڀاڻي آچر جي ڏينھن سڄي سنڌ م ٿيندڙ احتجاج جي حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي

ڪراچي (بيورو رپورٽ)
جي ڊي اي ء اتحادي جماعتن فراڊ اليڪشن وسيلي ٺھيل حڪومتن جي خاتمي تائين احتجاجي تحريڪ جاري رکڻ جو اعلان ڪندي پي ٽي آئي جي سڀاڻي آچر جي ڏينھن سڄي سنڌ م ٿيندڙ احتجاج جي حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي ،اھڙو اعلان جي ڊي اي جي چيف ڪوآرڊينيٽر سيد صدرالدين شاھ راشدي جي ڊي اي ء اتحادي جماعتن جي اجلاس کانپوء فنڪشنل ليگ ھاوس م پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو،ان موقعي تي سيد زين شاھ،ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا،سردار عبدالرحيم ،مسرور سيال،سيد جلال شاھ ڄاموٽ،مظھر راھوجو،بئريسٽر حسنين مرزا،نند ڪمار گوڪلاڻي ،راجہ اظھر،عبدالرزاق راھمون،ارباب انور،انجنئير عبدالڪريم شر ،خواجہ نويد سميت ٻيا اڳواڻ موجود ھئا.سيد صدرالدين شاھ راشدي وڌيڪ چيو ت چيو ت اڄوڪي اجلاس م م طئه ڪيو آهي ت جي ڊي اي پي ٽي آئي جي آچر تي ٿيندڙ احتجاج جي ڀرپور حمايت جو اعلان ڪندي ڀرپور شرڪت جو اعلان ڪيو،ھن چيو ت اليڪشن 8 فيبروري تي ٿيون آھن پر نتيجا اڃان تائين جاري آھن، ھن چيو ت ووٽ ڪم ن آيو نوٽ ڪم آيو اسان کي نتيجا قبول ناھن،فراڊ اليڪشن کي رد ڪيو آهي ،ھن چيو ت اسان جو پر امن احتجاج اوستائين جاري رھندو جيستائين جعالي ووٽ وسيلي ٺاھيل جعالي حڪومتون گھر ڀيڙيون نٿيون ٿين،ھن چيو اسان عوام جي ووٽ کي عزت ء تحفظ ڏيڻ چاھيون ٿا،سيد صدرالدين شاھ راشدي چيو ت اسان آئين جي دائري م رھندي پنھنجي جدوجھد جاري رکنداسين،صدارتي اليڪشن جي صورت م عوام تي وائسراءِ ٿاڦيو پيو وڃي،ھڪ سوال جي جواب م سيد صدرالدين شاھ راشدي چيو ت منھنجي خيال م آئي ايم ايف ڪڏھن پنھنجي گراھڪ کي ناھي ڇڏيندي ،اھا پئسا ڏيندي،ھڪ سوال ت موجوده حڪومت ڪيترا ڏينھن ھلندي،جي جواب م ھن چيو ت انھن وٺ عوامي مينڊيٽ ناھي جن وٽ عوامي مينڊيٽ ناھي ھوندو اھا حڪومت گھڻو عرصو ناھي ھلي سگھندي،موجودہ صورتحال م گڏيل جدوجھد عوام جي ووٽ سان جيڪا زيادتي ٿي آھي اھو حق عوام کي واپس ڏيارڻ لاء پرامن گڏيل عوامي جدوجھد جاري رھندي،مٿي جيڪا ٽنھي جماعت گڏجي حڪومت ٺاھي آھي اھا ڪئين ھلندي،سيد صدرالدين شاھ راشدي چيو ت جي ڊي اي ء اتحادي جماعتن جا ڪارڪن ڪاري ڏينھن جي موقعي تي ميدان م ھئا پوليس آفيسرن مولانا راشد محمود سومرو سان ڳالھيون ڪري روٽ طئي ڪيو ھو ان جي پوليس پاڻ خلاف ورزي ڪئي اسان جو احتجاج مختصر ھو پر سنڌ جي نگران حڪومت ڪنٽينر ھڻي ڪراچي کي سيل ڪري ڇڏيو،اسان جو پروگرام ٻ ڪلاڪن جو ھئو پر حڪومت جي ناڪام پاليسين سبب پندرنھن ڪلاڪن تائين ميڊيا ء اسان سڀ مصروف رھياسين،معشيت کي بھتر ڪرڻ لاء ادارا سڀني کي گڏجي ويھارين ء ان سان گڏ عوام جي ووٽ جو تقدس بحال ڪيو وڃي .پي ٽي آئي سنڌ جي اڳواڻ مسرور سيال چيو ت تاريخ جون بدترين چونڊون آھن،جن کي قبول ن ڪنداسين،ھن اليڪشن رياست کي کليل طريقي سان ننگو ڪيو آهي ،ھي صرف اسان جي مينڊيٽ جي چوري ناھي پر قوم سان غداري آھي ملڪ م انارڪي ء مايوسي پکڙيل آھي،اسان سنڌ م جي ڊي اي ء پي ٽي آئي گڏيل احتجاج ڪندي.

اپنا تبصرہ بھیجیں