ٺٽي شھر جي مشھور درگاھ حضرت سخي شاھ گوھر گنج رح تي درگاھ جي خدمتگار عبدالغفور خليفو پاران صوفياڻي محفل منعقد ڪئي ويئي اھي، جنھن ۾ سنڌ جي ناليواري صوفي راڳي سيد وزير علي شاھ صوفياڻي محفل ۾ سر وکيري خوب داد حاصل ڪيو.


ٺٽو(رپورٽ علي گوهر قمبراڻي) ٺٽي شھر جي مشھور درگاھ حضرت سخي شاھ گوھر گنج رح تي درگاھ جي خدمتگار عبدالغفور خليفو پاران صوفياڻي محفل منعقد ڪئي ويئي اھي، جنھن ۾ سنڌ جي ناليواري صوفي راڳي سيد وزير علي شاھ صوفياڻي محفل ۾ سر وکيري خوب داد حاصل ڪيو. ان موقعي تي درگاھ جي خدمتگار عبدالغفور خليفو چيو تہ سنڌ ڌرتي اوليائن، ولين، بزرگن ۽ درويشن جي ڌرتي آھي، جن ھميشہ امن، پيار، محبت جو پيغام ڏنو اھي، اسانکي بہ انھن جي ڏسيل واٽ تي عمل ڪرڻ گھرجي، ھن چيو تہ ھو ھر سال صوفياڻيون محفلون مچائي سنڌ جي مختلف ناليوارن صوفي راڳين کي گھرائي الله ۽ ان جي رسول حضرت محمد صلعم جي ساراھ ڪرائي ٿو، درگاھ حضرت سخي شاھ گوھر گنج رح جي خدمتگار عبدالغفور خليفو وڌيڪ چيو تہ ھو پنھنجي مدد پاڻ تحت اھڙيون صوفياڻيون محفلون مچائي ھن مھنگائي، پريشاني واري ڏکئي دور ۾ عوام کي ڪجھ گھڙيون سڪون واريون مھيا ڪرايان ٿو، جيئن عوام ڪجھ گھڙيون سڪون واريون گذاري سگھي. ان موقعي تي صوفياڻي محفل ۾ آيل سوين ماڻھن سنڌ جي مشھور صوفي راڳي سيد وزير علي شاھ جي راڳ کي ڌيان سان ٻڌي سندس ھمت افزائي ڪري کيس ڪيش انعامن سان گڏ کيس خوب داد پڻ ڏنو. ان موقعي تي صحافي محمد ايوب ملاح، شريف رند سميت سوين درگاھ جا مريد، عقيدتمندن سميت صوفياڻي راڳ جا شوقين صوفياڻي محفل ۾ شريڪ ھئا.
===========================

https://www.youtube.com/watch?v=ak0DHASC

اپنا تبصرہ بھیجیں