سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه

ڪراچي

جون 7، 2024

سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه

سنڌ جي سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ايم ڪيو ايم سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ خلل وجهڻ جي ڪوشش ڪئي، اسٽريٽ ڪرائم ۾ جيڪي به افسوسناڪ واقعا ٿي رهيا آهن، اسانـکي پورو احساس آهي، ڪوشش اٿئون ته اسٽريٽ ڪرائم تي جلد کان جلد ضابطو آندو وڃي.

سنڌ اسيمبلي جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته حڪومت جي تبديلي کانپوءِ ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ گهٽتائي آئي آهي، هر قيمتي جان جو نقصان جو اسان جو نقصان آهي، ايم ڪيو ايم ڄاڻي واڻي اهڙو ماحول جوڙڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.

هن چيو ته ايم ڪيو ايم جو مينڊيٽ سڀني جي سامهون آهي، ايم ڪيو ايم پنهنجي سياست کي چمڪائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ ماضي ۾ اسٽريٽ ڪرائم ۽ ٽارگيٽ ڪلنگ تي ڳالهه ٻولهه ٿي آھي.

شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڪنهن جي جاني نقصان جي جوابدھ حڪومت آهي، اسيمبلي ۾ نعرا هنيا ويا، حڪومت کي برو ڀلو چيو ويو، سڀني کي خبر آهي ته ٽارگيٽ ڪلنگ، ڀتا خوري، ٻوري بند لاشن وارو ڪم ڪير ڪندو هو، ايم ڪيو ايم جا اڳواڻ جذباتي بيان ڏئي واپس وٺندا آھن ۽ معافي به گھرندا آھن

هن چيو ته ڪراچي ۾ ڏوهن ۾ گهٽتائي اچي رهي آهي، ايم ڪيو ايم سياست چمڪائڻ لاء حڪومت کي برو ڀلو چئي رھي آھي، ايم ڪيو ايم حيدرآباد واقعي تي به سياست ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.

شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ماضي ۾ جيڪڏهن لنڊن مان ڪال ايندي ھئي ته سڄو شهر بند ٿي ويندو هو، گاڏيون ساڙيون وينديون هيون، ڪراچي بند ٿيڻ سان اربين رپين جو نقصان ٿيندو ھو.

شرجيل انعام ميمڻ چيو ته صوبي ۾ امن امان جا ذميوار اسان آهيون، اسيمبلي جو ماحول خراب نه ڪيو وڃي، صدر آصف علي زرداري ڪراچي پهچي سڀني کان پھرين امن امان بابت اجلاس ڪيو، سيف سٽي پروجيڪٽ جو هڪ مرحلو مڪمل ڪيو ويو آهي.

هن چيو ته غيرقانوني وطن تياڳيندڙن خلاف مهم هلي رهي آهي، روزاني جي بنياد تي ماڻهن کي پڪڙي سندن ملڪ واپس موڪليو پيو وڃي.

هن چيو ته پارٽي قيادت هميشه بهتري لاءِ فيصلا ڪندي آهي، بلاول ڀٽو زرداري سڀني جو چيئرمين آهي، هن سڀني کي صحيح هدايتون ڏنيون آهن، پيپلز پارٽي کانسواء ڪا اھڙي پارٽي ناھي جيڪا پنهنجي ايم پي ايز، ايم اين ايز جي ڪم جي نگراني ڪندي ھجي.

هن چيو ته دنيا جي تاريخ جو سڀ کان وڏو هائوسنگ پراجيڪٽ پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت جو آهي، دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ گهر نيپال ۾ 8 لک گهر ٺاھيا ويا، سنڌ حڪومت 21 لک گهر ٺاهي رهي آهي، 8 لک عورتن کي مالڪي جا حق ڏنا پيا وڃن، هڪ به تعميراتي ڪمپني کي ڪم نه ڏنو پيو وڃي، ماڻهن جا اڪائونٽ کولي کين روڪ رقم منتقل ڪئي پئي وڃي.

شرجيل انعام ميمڻ چيو ته اسان خلاف جيڪا پروپيگنڊا ڪئي پئي وڃي اها غلط آهي، وڏي وزير سمورن افسوسناڪ واقعن تي لاڳاپيل پوليس آفيسرن کان رپورٽ طلب ڪئي آھي، ڪراچي ۾ دهشتگردي جا وڏا واقعا ٿيا آهن.

هن چيو ته سنڌ حڪومت سمورا مسئلا حل ڪري ڇڏيا آهن، حڪومت هر جاءِ تي ڪيمرا کڻي نه ھلندي آهي، حڪومت جتي به ويندي آهي اسان جا وزير ۽ ميئر سڀ ويندا آهن.

شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڪنهن ۾ ايتري طاقت ناهي جو ملڪ جون حالتون خراب ڪري سگهي، ملڪ ۾ غربت ۽ بيروزگاري آهي، اسان چئلينجن کي منهن ڏئي رهيا آهيون، مسئلن جي حل لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون.

هن چيو ته سنڌ حڪومت منشيات خلاف به قدم کڻي رهي آهي، نگران حڪومت ۾ ڏوهن جي شرح تمام گهڻي هئي، جيڪا سنڌ حڪومت جي اچڻ سان صورتحال بهتر ٿي رهي آهي.

شرجيل انعام ميمڻ چيو ته هر کاتو پنهنجو ڪم بهتر نموني ڪري رهيو آهي، توانائي کاتو سولر سسٽم تي ڪم ڪري رهيو آهي، پاڻي جي مسئلن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، صحت کاتو به پنهنجو ڪم بهتر نموني ڪري رهيو آهي، ٽرانسپورٽ کاتو به پنهنجو ڪم بهتر نموني ڪري رهيو آهي بسون اچي ويون آهن ۽ نوان روٽ شروع ڪيا ويا آھن.

هن چيو ته معاشي چئلينج سڀ کان وڏو چئلينج آهي، چئلينجن باوجود حڪومت جي پهرين ترجيح عوام کي رليف فراهم ڪرڻ آهي.

اپنا تبصرہ بھیجیں