ٺٽي مان امن جو پکي اڏامي ويو، پوليس عوام کي تحفظ ڏيڻ ۾ مڪمل ناڪام ۽ بيوس بڻيل، ڏوھاري کلي عام روڊ، رستن تي عوام کي ڦري ڪنگال ڪرڻ لڳا، انتظاميہ بہ خاموش بڻيل


ٺٽو(رپورٽ علي گوهر قمبراڻي) ٺٽي مان امن جو پکي اڏامي ويو، پوليس عوام کي تحفظ ڏيڻ ۾ مڪمل ناڪام ۽ بيوس بڻيل، ڏوھاري کلي عام روڊ، رستن تي عوام کي ڦري ڪنگال ڪرڻ لڳا، انتظاميہ بہ خاموش بڻيل، وڌيڪ ھڪ واپاري ڦرجي ويو، مڪلي ٿاڻي تي رپورٽ داخل ڪرائڻ باوجود پوليس ڪابہ ڪاروائي عمل ۾ آڻي ناھي سگھي، تفصيل موجب ٺٽي لڳ برانچ موري جو رھواسي مال جو واپاري پھلوان محمد بخش کوسو اڄ صبح ويل ڳوٺان ميرپور ساڪرو جي مال پڙي مان چوپايو مال خريدڻ لاء ويندي مڪلي باء پاس چاڙھي وٽ 125 موٽر سائيڪل تي سوار 3 ٻٽ ٻڌل نامعلوم ھٿياربند ڦورن کيس ھٿيارن جي زور تي يرغمال بنائي کانئنس 2 لک 46 ھزار روپيہ روڪ رقم، پرس، موبائل فون ۽ قومي شناختي ڪارڊ ڦر ڪري فرار ٿي ويا، اھڙي رپورٽ مڪلي ٿاڻي تي درج ڪرائڻ باوجود پوليس ڪابہ ڪاروائي عمل ۾ آڻي ناھي سگھي، ڦرجي ويل مال جي واپاري پھلوان محمد بخش کوسو پريس ڪلب مڪلي پھچي دانھيندي چيو آھي تہ ٺٽو، مڪلي سميت پورو ضلعو ڏوھارين جي رحم ڪرم تي آھي، جتي ڏوھاري کلي عام ماڻھن کي ڦري ڪنگال ڪري رھيا آھن، ھن چيو تہ اڄ صبح جو ھن کان پڻ مڪلي باء پاس چاڙھي وٽ 3 نامعلوم ٻٽ ٻڌل موٽر سائيڪل سوار ھٿياربند ڦورن کانئنس 2 لک 46 ھزار روپيہ روڪ رقم، موبائل فون ۽ پرس ڦر ڪري ويا آھن، جنھن ۾ سندس قومي شناختي ڪارڊ بہ شامل اھي، پھلوان محمد بخش کوسو چيو تہ مڪلي ٿاڻي تي رپورٽ درج ڪرائڻ باوجود پوليس ڪابہ ڪاروائي عمل ۾ آڻي ناھي سگھي. ھن ايس ايس پي ٺٽو کان مطالبو ڪيو تہ ڦورن ڏوھارين کي گرفتار ڪري کانئنس ڦر ڪيل رقم، موبائل فون ۽ پرس واپس ڏياري عوام کي تحفظ مھيا ڪرايو وڃي، ٻئي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.
==========================

ٺٽو(رپورٽ علي گوهر قمبراڻي) غلام الله بائڪو پمپ جي مئنيجر ثمير احمد ڀٽو کان مڪلي/غلام اللہ روڊ تي ترڪش ڪالوني مڪلي وٽ نامعلوم موٽرسائيڪل سوار ھٿياربند ڦورن ڏينھن ڏٺي ھٿيارن جي زور تي 6 لک روپيا روڪ رقم ڦر ڪري فرار ٿي ويا، حد جي پوليس کي اطلاع ڪرڻ باوجود پوليس ڪابہ ڪاروائي عمل ۾ آڻي ناھي سگھي.

========================
ٺٽو(ڊر) پريس ڪلب مڪلي جي جنرل باڊي جو اھم اجلاس پريس ڪلب مڪلي جي صدر احمد خان خشڪ جي صدارت ۾ پريس ڪلب مڪلي ۾ ٿي گذريو، جنھن ۾ سمورن عھديدارن ۽ ميمبرن شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ مڪلي پريس ڪلب جي باڊي جو مدو ختم ٿيڻ بعد پراڻي باڊي کي ختم ڪري نئين باڊي لاء اليڪشن ڪرائڻ لاء 4 رڪني اليڪشن ڪميٽي جوڙي ويئي، جنھن ۾ سيد گل شاھ، اعجاز واريو، ملاح اڳواڻ ڏاڏا آدم گندرو ۽ سجاد عرف سونو ميمڻ کي شامل ڪيو ويو، جن جي نگراني ۾ نئين اليڪشن ڪرائي نئين باڊي جوڙي ويندي، تيستائين پريس ڪلب مڪلي جا سمورا انتظام اليڪشن ڪميٽي جي حوالي ڪيا ويا آھن، جيڪا جلد شفاف اليڪشن ڪرائي چونڊجي ايندڙ نئين باڊي جي عھديدارن جي حوالي انتظام ڪندي. منعقد ڪيل اجلاس ۾ سالياني ڪارڪردگي پيش ڪندي پريس ڪلب جي صدر اُحمد خان خشڪ چيو تہ سندس صدارت واري دور ۾ پريس ڪلب جا مالي وسيلا گھٽ ھجڻ باوجود پريس ڪلب جي فلاح و بھبود ۽ بھتري لاء بھتر ڪم ڪيو آھي، ھن چيو تہ سندس دور خوش اصلوبي سان پنھنجي پڄاڻي تي پھتو آھي، جنھن تي ھو سمورن ميمبر صحافين جو ٿورائتو اھي، ھن چيو تہ اڳتي بہ اھڙي طريقي سان گڏ ھن اداري کي ھلائيندا رھنداسين. اجلاس ۾ سيد گل شاھ، اڪبر دلواڻي، محمد ايوب ملاح، ايم ايڇ ڪنڀار، تازہ گل دراني، شيراز واريو، عزيز جوکيو، سجاد عرف سونو ميمڻ، سيد امداد شاھ، سيد افضل شاھ، شھمير قريشي، عبدالحميد چنڊ، راجا تنوير خاصخيلي، نظير قريشي، انور ھالو، واحد شورو، قادر جاکرو، علي گوھر قمبراڻي، رزاق ميمڻ، وزير خشڪ، علي شير جوکيو ۽ ٻيا شريڪ ھئا.
==========================

https://www.youtube.com/watch?v=ak0DHASC

اپنا تبصرہ بھیجیں