
ٺٽو(رپورٽ علي گوهر قمبراڻي) اسلام جي سر بلندي لاء ڪربلا جي ميدان ۾ لازوال قربانيون ڏيئي اسلام کي زندہ رکندڙ حضرت امام حسين عليه السلام ۽ سندس ساٿين جي شھادت واري ڏيھاڙي 10 محرم الحرام يوم عاشورو مذھبي عقيدت ۽ احترام سان ملھايوويو، جتي يا حسين عہ يا حسين عليه السلام جون صدائون بلند ٿي ويون. يوم عاشوري جي موقعي تي مرڪزي ماتمي جلوس شيرازي امام بارگاھ ٺٽو کان نڪتو، جنھن ۾ شاھ نجف امام بارگاھ، مشھدي امام بارگاھ، علو شاھ مست امام بارگاھ، مھدي امام بارگاھ، چانگ امام بارگاھ، بخاري امام بارگاھ سميت ٺٽي ۽ مڪلي جي ٻين بہ مختلف امام بارگاھن کان نڪتل ماتمي جلوس پنھنجي مقرر ڪيل روٽن کان ٿيندا مرڪزي جلوس ۾ شامل ٿي ويا، مرڪزي جلوس ٺٽي شھر جي شاھي بازار کان ٿيندو، ٺٽي شھر جي مين اسٽاپ تي پھتو، جتي يا حسن عہ يا حسين عليه اسلام جون صدائون بلند ٿي ويون، جتي عزادارن ۽ مومنن پاران زنجيرن تي ماتم ڪيو ويو، ماتمي جلوس ۾ وزير اعلي سنڌ جي معاون خاص پ پ پ ايم پي اي سيد رياض حسين شاھ شيرازي سميت ھزارين مومن ۽ عزادار شامل ھئا، جتي مقررين پڻ خطاب ڪندي چيو تہ دين اسلام کي زندہ رکڻ لاء حضرت امام حسين عليه السلام ۽ ان جي ساٿين جي ڏنل عظيم قرباني اسانجي لاء راء مشعل آھي، حضرت امام حسين عليه السلام اھل بيت سان گڏ دين حق جي لاء جام شھادت نوش ڪري سڄي دنيا کي پيغام ڏنو اھي تہ ڪفر جي حڪومت ھلي سگھي ٿي پر ظالم جي حڪومت نہ ھلي سگھندي، ھنن چيو تہ ڪربلا جو واقعو اسانکي ظلم ۽ باطل سان وڙھڻ جو درس ڏي ٿو، اسانکي بہ گھرجي تہ پنھنجي ٻارڙن کي اھلبيت جي محبت جو درس ڏيئي حسن، محبت ۽ ايثار جو جذبو پيدا ڪرڻ گھرجي، ماتمي جلوس آخر ۾ پنھنجي رستن تان ٿيندو بخاري امام بارگاھ تي اختتام پذير ٿيو، جتي رات جو شام غريبان جو محفلون منعقد ڪيون وينديون. ان موقعي تي سيڪيورٽي جا انتھائي سخت انتظام ڪري جلوس ۾ شريڪ ٿيندڙ عزادارن کي پوليس انتظاميہ طرفان سخت ڇيڪينگ ۽ واڪ ٿرو گيٽن مان پار ڪرائي جلوسن ۾ داخل ڪرڻ جي اجازت ڏني ويئي، جڏھن تہ ٺٽي ۾ 2 ڏينھن اڳ سمورن مسافر خانن ۽ ھوٽلن جي مڪمل تلاشي وٺي انھن کي محفوظ بڻايو ويو ھو، جڏھن تہ يوم عاشوري واري ڏيھاڙي تي ٺٽي شھر جي شاھي بازار کي جتان جلوس گذريا، ان کي مڪمل خاردار تارون ۽ ٽينٽ ھڻي مڪمل بند ڪري ان تي بہ سيڪيورٽي کي سخت ڪيو ويو، جيئن ڪوبہ اڻوندڙ واقعو پيش اچي نہ سگھي.
=============================


