صوبائي فنانس ڪميشن جو پهريون اجلاس سنڌ جي مڪاني ادارن واري وزير سيد ناصر حسين شاهه جي صدارت هيٺ ٿيو – اهم مسئلن تي بحث ڪئي وئي


پي ايف سي جو مقصد سنڌ صوبي ۾ فنڊن جي منصفاڻي ورڇ کي يقيني بڻائڻ آهي. ايندڙ اجلاس سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ٿيندو، ناصر شاه

ڪراچي (): صوبائي مالياتي ڪميشن جو پهريون اجلاس سنڌ جي مڪاني ادارن واري وزير سيد ناصر حسين شاهه جي صدارت هيٺ ناڻي کاتي سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ ٿيو. اجلاس ۾ ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب، ميئر سکر ارسلان شيخ، ايڊيشنل چيف سيڪريٽري بلديات سيد نجم احمد شاهه، مختلف ڊسٽرڪٽ ڪائونسلن جي چيئرمينن شرڪت ڪئي. ملاقات ۾ صوبي ۾ ماليات جي منصفاڻي ورڇ ۽ ٻين لاڳاپيل معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي پي ايف سي جي ڪو-چيئرمين سيد ناصر حسين شاهه ڪميشن جي قيام جي گڻ و مقصد بيان ڪندي ان جي فائدن ۽ گهرجن تي روشني وڌي. هن چيو ته هي ڪميشن جو پهريون اجلاس آهي ۽ ايندڙ اجلاس چيئرمين سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ٿيندو. اجلاس ۾ بورڊ جي ايجنڊا تي غور ويچار ڪيو ويو. ان کان اڳ بورڊ جي سمورن ميمبرن پنهنجو تفصيلي تعارف ڪرايو. ان موقعي تي صوبائي وزير چيو ته بورڊ جي سمورن ميمبرن جي چونڊ چيئرمين بلاول ڀٽو پاران خالصتاً ميرٽ تي ڪئي وئي آهي، هر ميمبر کي پنهنجي شعبي ۾ تجربو ۽ مهارت حاصل آهي. ناصر شاهه چيو آهي ته چيئرمين جي ويزن موجب هو عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ نون چونڊيل مڪاني ادارن جي نمائندن کي مالي طور تي مضبوط ۽ مستحڪم ڪندو. چونڊيل مڪاني ادارن جي نمائندن کي مالي طور تي مستحڪم ڪرڻ سان ئي عوام کي گراس روٽ سطح تي بهتر خدمت ۽ رليف ڏئي سگهجي ٿو. صوبائي وزير چيو ته ڪميشن جا سمورا ميمبر پنهنجي ڀرپور صلاحيت ۽ تجربي کي استعمال ڪن ته جيئن ڪميشن چيئرمين بلاول ڀٽو جي اميدن تي پورو لهي سگهي ۽ عوام کي بنيادي سهولتون سندن چانئٺ تي ميسر ٿي سگهن. ان موقعي تي ڪو-چيئرمين ناصر شاهه تجويز ڏني ته ڪميشن جي سمورن ميمبرن تي ٻڌل هڪ واٽس ايپ گروپ ٺاهيو وڃي، جنهن جو مقصد سڀني ميمبرن جي وچ ۾ باهمي رابطي ۽ تعاون کي يقيني بڻائڻ آهي. ان موقعي تي ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب، ميئر سکر ارسلان شيخ پڻ پنهنجون تجويزون پيش ڪيون. ان موقعي تي شريڪ چيئرمين پي ايف سي چيو ته ڪميشن کي شروعات ۾ مختلف ڏکائين مان گذرڻو پوندو پر ڪميشن جا سڀئي صلاحيت مند ميمبر هر قسم جي چيلنجن کي منهن ڏيڻ ڄاڻن ٿا.
محمد شبيه صديقي
ڊائريڪٽر اطلاعات کاتو / ڊائريڪٽر پبلڪ رليشنز
صوبائي وزير بلديات اينڊ پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ سنڌ
فون: 03002294020

===========================

اپنا تبصرہ بھیجیں