
ٺٽو(رپورٽ: علي گوهر قمبراڻي)
ٺٽي لڳ باءِ پاس وٽ جيڪ ايڪس 200 شھزور گاڏين سميت مختلف گاڏين ۽ انهن جي پُرزن کي مارڪيٽ ڪندڙ گَنڌارا پرائيويٽ لميٽيڊ جي سهڪار سان پختون آٽوز ٺٽو پاران قائم ڪيل پختون آٽوز جي ڊيلرشپ سروس ۽ اسپير پارٽس ٺٽو برانچ جي افتتاحي تقريب منعقد ڪئي وئي، جنھن ۾ گَنڌارا پرائيويٽ لميٽيڊ جو سي اي او خالد مهر هينو پاڪ فرنٽيئر جي سي اي او خورشيد خان ايڇ آر سي جي مالڪ رحمت الله خان ٽوٽل پارڪو جي ڪامران پَٽيل پختون موٽرز جي محمد شير پٺاڻ ذاڪر خان ۽ ٻين گڏيل افتتاح ڪيو ان موقعي تي ڳالهائيندي موٽرز ڪمپني جي سي اي او خالد مهر خورشيد خان ۽ حاجي شير خان چيو ته پختون موٽرز جي قيام سان هتان جي گاڏين جي مالڪن ۽ ڊرائيورن کي وڏي سهولت ميسر ٿيندي ٺٽي سجاول بدين ۽ اسلام ڪوٽ تائين هلندڙ گاڏين کي رپيئر ۽ ٻين مسئلن جي حل لاء هتي ئي سمورو ٽيڪنيڪل اسٽاف ۽ جينيئن پارٽس جو سامان ميسر هوندو. هنن چيو ته اڳ ۾ اسلام ڪوٽ کان ٺٽي تائين روٽس تي هلندڙ گاڏين جي پارٽس توڙي مرمت لاء مالڪن ۽ ڊرائيورن کي ڪراچي وڃڻو پوندو هو پر هاڻي انهن لاء وڏي آساني پيدا ٿيندي اڄ کان هتي جينيئن پارٽس سميت آئل ۽ ٻيو مٽيريل ۽ تربيت يافته مستري گاڏين جي مرمت وغيره لاء موجود هوندا جيڪو سونهري موقعو آھي
Load/Hide Comments


