سکر آءِ بي اي يونيورسٽي پاران سنڌ حڪومت جي سهڪار سان آءِ ٽي انڊسٽري ريڊينيس بوٽ ڪيمپ پروگرام جو باقائده آغاز، انفارميشن سائينس اينڊ ٽيڪنالوجي بابت وڏي وزير جي صلاحڪار افتتاح ڪري ڇڏي، وائيس چانسلر سکر آءِ بي اي يونيورسٽي، ڊي جي پي سکر ۽ ٻين جي تقريب ۾ شرڪت

سکر: سنڌ جي وڏي وزير جي انفارميشن، سائينس ۽ ٽيڪنالوجي بابت صلاحڪار محترمه تنزيله ام حبيبه وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر آصف احمد شيخ جي موجودگي ۾ جمعي ڏينهن 7 جولاءِ تي ايگزيڪيوٽو ڊولپمينٽ سينٽر سکر آءِ بي اي يونيورسٽي ۾ آءِ ٽي انڊسٽري ريڊينيس بوٽ ڪيمپ پروگرام جو افتتاح ڪيو.
وڏي وزير جي انفارميشن، سائينس ۽ ٽيڪنالوجي بابت صلاحڪار محترمه تنزيله ام حبيبه پروگرام جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته آءِ ٽي انڊسٽري ريڊينيس بوٽ ڪئمپ پروگرام سندس دل جي قريب آهي، اهو پروگرام نوجوانن جي تربيت ۽ سندن اسڪلز وڌائڻ واري سنڌ حڪومت وين جو حصو آهي.
هن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي نوجوانن کي آءِ ٽي ڪورسز جي تربيت فراهم ڪري ۽ منجهن ٽيڪنالوجي واريون مهارتون آڻي، اسان نوجوانن کي ڊجيٽل انقلاب کي قبول ڪرڻ ۽ ٽيڪنالوجي سان هلندڙمعيشت ۾ ڪليدي ڪردار حصو بڻجڻ لاءِ بااختيار بڻائي رهيا آهيون. هن وڌيڪ چيو ته هي پروگرام سنڌ جي نوجوانن ۾ اسڪلز پيدا ڪري کين قومي ۽ بين الاقوامي سطع تي هڪ معياري روزگار لاءِ مدد ڪندو.
ان موقعي تي ڳالهائيندي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر آصف احمد شيخ ٻڌايو ته اسڪلز ڊولپمينٽ ۽ ڊجيٽل لٽريسي جي اهميت کي تسليم ڪندي، سکر آءِ بي اي يونيورسٽي، آءِ ٽي انڊسٽري ريڊينيس بوٽ ڪيمپ پروگرام جي ذريعي سنڌ جي مختلف ضلعن جي نوجوانن کي آءِ ٽي بابت جامع تربيت فراهم ڪندي. وائيس چانسلر وڌيڪ چيو ته آءِ ٽي ڪورسز جي تربيت ذريعي نوجوانن ۾ صلاحيتون اچڻ کانپوءِ اهي نوجوان پاڻ بااختيار ٿيڻ سان گڏوگڏ آءِ ٽي جي شعبي جي ترقيءَ ۾ ڪردار ادا ڪري سگهندا.

ڊي آءِ جي پي سکر جاويد جسڪاڻي، ميمبر انڊسٽري ڊولپمينٽ اياز احمد عقيلي، پي وي سي پروفيسر ڊاڪٽر سيد ميرمحمد شاهه مختلف شعبن جي سربراهن ۽ سکر آءِ بي اي يونيورسٽي جي عملي ۽ اميدوارن شرڪت ڪئي.

سکر آءِ بي اي يونيورسٽي سنڌ حڪومت جي انفارميشن سائينس ۽ ٽيڪنالوجي جي سهڪار سان هي پروگرام شروع ڪيو آهي، ان ذريعي سنڌ جي نوجوانن ۾ آءِ ٽي بابت سکيا فراهم ڪئي ويندي.

سکر
=========================

اپنا تبصرہ بھیجیں