سي پيڪ پاڪستان جي معاشي خوشحالي جو سبب ٿيندو، هن پروجيڪت لاءِ پاسڪتان کي ماحول کي سازگار، پر امن ۽ محفوظ بڻائڻو پوندو ته سيڙپڪاري اچي سگهي: چيني قونصل جنرل


ڪراچي (اين اين آءِ) ڪراچي ۾ مقرر چين جي قونصل جنرل يانگ يونڊونگ چيو آهي ته سي پيڪ پاڪستان جي معاشي خوشحالي جو سبب بڻجندو، هن پروجيڪٽ لاءِ پاڪستان کي ماحول کي سازگار ۽ پر امن ۽ محفوظ بڻائڻو پوندو ته جيئن سيڙپڪاري اچي سگهي، اسان بلوچستان جي عوام جي معاشي استحڪام ۽ خوشحالي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيو، تنهن ڪري اتان جي سياسي پارٽين کي به امن امان قائم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي. پاڪستان ۽ چين وچ ۾ پراڻا لاڳاپا آهن، ٻنهي ملڪن بين القوامي سطح تي دهشتگردي خلاف سيڪيورٽي قدم کنيا آهن، ڪشمير جي مسئلي تي گڏيل قومن جي ٺهرائن مطابق حل ٿيڻ گهرجي، والاريل ڪشمير جي شهرين جي عدالت مٿانهين قتل تي افسوس آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن اڱاري تي ڪراچي پري ڪلب ۾ پريس ڪلب پروگرام ميٽ دي پريس کي خطاب ۽ عهديدارن ۽ سينيئر صحافين ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو، چيني قونصل جنرل چيو ته منهنجي لاءِ اها فخر جي ڳالهه آهي ته مان ڪراچي پرس ڪلب جو دورو ڪيو، ڪراچي پريس ڪلب پاڪستان جو نمايا پريس ڪلب آهي، پاڪ چائنا دوستي کي اجاگر ڪرڻ تي اسان ڪراچي پريس ڪلب جي ڪم کي سارهايون ٿا. هن چيو ته پاڪ چائنا هاڪاري لاڳاپا بين القوامي سطح تي تبديلي جو سبب آهي، ٻئي ملڪ سمورن پاسن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندا رهن ٿا، پاڪ چائنا لاڳاپا پراڻا ۽ جٽادار لاڳاپا آهن، هن چيوته پاڪستان ۽ چائنا گڏيل طور تي سي پيڪ لانچ ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو، سي پيڪ پاڪستان جي خوشحالي جو منصوبو آهي، هن رٿا سان پاڪستان سوشل اڪنامڪ ڊولپيمينٽ ڪندو، سي پيڪ ريجنل ايريا کي ڳنڍڻ جو سبب بڻجندو، انفرااسٽرڪچر ڪارپوريشن سي پيڪ جي پهرين ترجيح آهي، سي پيڪ تي پاڪستان ۽ چين گڏجي ڪم ڪندا، هن رٿا جي ڪاميابي لاءِ ٻنهي پاسن جو ميڊيا اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي، گوادر پورٽ ريجن کي جوڙڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو، اسان پاڪستان جي انڊسٽري کي سپورٽ ڪيون ٿا، چين پاران سرمايو لڳائڻ سان پاڪستان جون حالتون بهتر ٿينديون، اسان کي مستقبل ۾ به گڏجي ڪم ڪرڻو آهي، پاڪستان پاران پاڪستان ۾ موجود چائنيز کي سيڪيورٽي ڏيڻ جي خاطري ڪرائي وئي آهي، هن چيوته پاڪستان ۽ چائنا گڏجي دهشتگردي جي خلاف قدم کڻي رهيا آهن، دهشتگردي جي انت سان ئي پاڪ چائنا لاڳاپا مضبوط ٿيا آهن، سيڪنڊ فيز ۾ گوادر ۽ سي پيڪ لاءِ پاڪستان جي سيڪيورٽي کي يقيني بڻائي ڇو ته بين القوامي رابطي لاءِ هي اهم پورٽ آهي، سي پيڪ جي ٻئي مرحلي ۾ پرائيويٽ ڪمپنين کي وڌيڪ شامل ڪري رهيا آهيون، پاڪستاني حڪومت کي اهو سمجهه گهرجي ته پرائيويٽ ڪمپنين کي زبردستي نه ٿا آڻي سگهون، هن پراجيڪٽ لاءِ پاڪستان کي ماحول کي سازگار، پر امن ۽ محفوظ بڻائوپوندو ته جيئن سيڙپڪاري اچي سگهي، يانگ يونڊونگ چوته اسان بلوچستان جي معاشي استحڪام ۽ خوشحالي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون، تنهن ڪري اتان جي سياسي پارٽين کي امن امان ڪرائڻ بابت ڪرم ڪرڻ گهرجي، بلوچستان جي خوشحالي ۽ ترقي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، هن چيو ته ڌاٻيجي اڪنامڪ زون اهم پراجيڪٽس آهن، خنجراب پاس جي حوالي سان ٻه طرفو مسئلا آهن، ٻنهي پاسن کان تاجرن جا مسئلا آهن، ٻئي ملڪ گڏجي ويهي مسئلا حو ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪري رهيا آهن، خنجراب پاس سي پيڪ جي حوالي سان اهم آهي، هن چيو ته ڪشمير جي معاملي تي پاڪستان جي موقف جي حمايت ڪريون ٿا، ڪشمير جي مسئلي کي گڏيل قومن جي ٺهرائن مطابق حل ٿيڻ گهرجي، والاري ڪشمير جي شهرين جي قتل تي افسوس آهي، هن چيو ته اسان آزاداڻي طور تي پاڪستان کي سپورٽ ڪريون ٿا، چين بيمارين جي تدارڪ ۽ ايگريڪلچر ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي، دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ اسان پاڪستان سان گڏ آهيون، چين پاڪستان جي ترقي لاءِ هر ممڪن تعاون لاءِ تيار آهي، هن چيو ته چين هر شعبي ۾ ترقي ڪري رهيو هي، اسان اعليٰ معيار جي مصنوعات تي يقين رکون ٿا ۽ ان طرف گامزن آهيون، هن چيو ته پاڪستان سان امپورٽ ۽ ايڪسپورٽ کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ ڪم ڪنداسين، گذريل سال 2 سئو ملين ڊالر پاڪستان مان در آمد ڪيو آهي، ان کان اڳ چيني قونصل جنرل ڪراچي پريس ڪلب جو دورو ڪيو ۽ عهديدارن سان ملاقات ڪئي، ان موقعي تي گورننگ باڊي جا ميمبر شازيه حسن، مونا صديقي، نور محمد ڪلهوڙو، شعيب احمد، رانا جاويد، ڪي يو جي دستور جو صدر حامد رحمان عامر خان، ذوالفقار راجپر، رفعت سعيد، اعجاز سمون،صلاح الدين سميت ٻيا به موجود هئا، صدر ڪراچي پريس ڪلب سعيد احمد سربازي چيني قونصل جنرل کي ڀليڪار چوندي چيوته پاڪستان جي اڪنامي کي سپورٽ ڪرڻ تي اسان چين جا مشڪور آهيون، چين سان اسان جا ڀائراڻا لاڳاپا ڪنهن کان ڳجها ناهن، اميد آهي ته چين جي سيڙپڪاري سان پاڪستان جون حالتو تبديل ٿينديون، ڪراچي پريس ڪلب جي سيڪريٽري شعيب احمد چيو ته 1950ع کان پاڪ چائنا دوستي آهي، چائنا هيمشه پاڪستان کي سپورٽ ڪيو آهي، اسان قونصل جنرل جا مشڪور آهيون، جنهن ڪراچي پريس ڪلب جو دورو ڪيو، ڪراچي پريس ڪلب چائينيز قونصليٽ سان ورڪنگ رليشن شپ شامل ڪرڻ چاهيون ٿا، هن چيوته ڪافي ملڪن جا قونصل جنرل اسان سان رابطي ۾ آهن، جيڪي ڪراچي پريس ڪلب جو دورو ڪندا.

======================

اپنا تبصرہ بھیجیں