
ڄامشورو (18 ڊسمبر)؛ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو کي فخر لائق ادارو قرار ڏيندي چيو آهي ته هن ڪاليج هر شعبي ۾ ليڊر پيدا ڪيا آهن. صدر آصف علي زرداري پڻ اڳوڻو پيٽارو آهي ۽ هو ٻيو ڀيرو پاڪستان جو صدر چونڊيو ويو آهي. هو ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ 62هين پيرنٽ ڊي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي ميمبر قومي اسيمبلي ملڪ اسد سڪندر، ميمبر صوبائي اسيمبلي ڊاڪٽر سڪندر شورو، ملڪ سڪندر خان، ميجر جنرل شاهد ابڙو، ڪموڊور راشد، ڪمانڊر ڪراچي، چيئرمين بورڊ آف گورنرز، بورڊ آف گورنرز جي ميمبرن، ڪمانڊر فيصل اقبال قاضي ايس. آءِ (ايم)، ڪمانڊنٽ ۽ پرنسپال، ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو؛ اسٽاف ميمبرن، والدين ۽ ڪيڊٽن شرڪت ڪئي. وڏي وزير ٽيون ڀيرو پيرنٽ ڊي ۾ شرڪت کي خوشي جوڳو قرار ڏنو. هن چيو ته صدر آصف علي زرداري اچڻ چاهي پيو پر ڪن سببن ڪري نه اچي سگهيو تنهنڪري هو سندس نمائندگي ڪري رهيو آهي. هن ڪيڊٽ ڪاليج جي انتظاميا کي بهترين تعليمي معيار جون سهولتون فراهم ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته تعليمي اداري جو معيار ان جي ماحول جي عڪاسي ڪري ٿو. هن ڪاليج جي سالياني رپورٽ پيش ڪرڻ تي پرنسپال کي مبارڪباد ڏيندي وڏي وزير چيو ته حيدرآباد، فيڊرل بورڊ ۽ ڪيمبرج سسٽم جا حاصل ڪيل نتيجا واقعي ساراهه جوڳا آهن. بهترين نتيجا فقط لگن، محنت
۽ ذميواري جي مضبوط احساس سان ئي ممڪن آهن. مراد علي شاهه ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو پاڪستان جي شاندار تعليمي ماحول کي ساراهيندي چيو ته مان اڄ به ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو کان متاثر آهيان. مونکي ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو تي فخر آهي، هتان جي نوجوانن پاڪستان جو نالو روشن ڪيو آهي. ڪيترن ئي ادارن ۾، تعليم جي معيار جو اندازو رڳو گريڊن ۽ تعليمي ڪارڪردگيءَ جي بنياد تي ڪيو ويندو آهي پر ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو انهن چند ادارن ۾ شامل آهي جيڪي پاڻ کي شاگردن جي جامع تياريءَ لاءِ وقف ڪن ٿا. وڏي وزير ڪيڊٽن تي زور ڀريو ته هو پنهنجي وقت جو بهترين استعمال ڪندي پيٽارو ۾ پنهنجو سفر شروع ڪن، پاڻ کي علم، قيادت جي صلاحيتن ۽ ذميواري جي مضبوط احساس سان آراسته ڪن. هن سفر کان اڳتي جي زندگي چيلينجن سان ڀريل آهي، ڪاميابي توهان جي استقامت ۽ اڳواڻي ڪرڻ جي صلاحيت تي ٻڌل آهي. ڪامياب ٿيڻ لاءِ نه رڳو
پنهنجي والدين سان پر پنهنجي ملڪ لاءِ به مخلص بڻجو، توهان پاڪستان جو مستقبل آهيو ۽ اسان کي توهان مان وڏيون اميدون آهن. ننڍي ڄمار ۾ ٻار کي ڪيڊٽ ڪاليج ۾ داخل ڪرڻ تي مراد علي شاهه والدين کي خراج تحسين پيش ڪيو. هن ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو لاءِ 1.5 ميگاواٽ سولر سسٽم ۽ سمورن ملازمن کي ٻن مهينن جي پگهار ڏيڻ جو اعلان ڪيو. وڏي وزير شاندار ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ ڪيڊٽن ۽ هائوسز جا نالا ورتا ۽ کين مبارڪباد ڏني.
عبدالرشيد چنا
ميڊيا ڪنسلٽنٽ، وزيراعليٰ سنڌ



