ڦلجي اسٽيشن ۾ ڪرڪيٽ جو باقاعده آغار 1979 ۾ پر ان کان اڳ 1969 ۾ جڏھن مان پنجين ڪلاس ۾ ھيس ته ان وقت گورنمينٽ ھاء اسڪول ڦلجي اسٽيشن ۾ شام جو پرائمري اسڪول جي پراڻن ٻن ڪمرن اڳين پريڪٽس ٿيندي ھئي ۽ سائين سعد الله سومرو به اچي شامل ٿيندا ھئا

ڦلجي اسٽيشن ۾ ڪرڪيٽ جو باقاعده آغار 1979 ۾ پر ان کان اڳ 1969 ۾ جڏھن مان پنجين ڪلاس ۾ ھيس ته ان وقت گورنمينٽ ھاء اسڪول ڦلجي اسٽيشن ۾ شام جو پرائمري اسڪول جي پراڻن ٻن ڪمرن اڳين پريڪٽس ٿيندي ھئي ۽ سائين سعد الله سومرو به اچي شامل ٿيندا ھئا ۽ سائين چوندو ته انڊر آرم بالنگ ڪيو متان ڪنھن کي ڌڪ لڳي مان پرائمري ۾ ھئڻ جي باوجود ڪرڪيٽ کيڏندو ھيس ان جو ڪارڻ سائين سعدالله سومرو ھڪ دفعو مونکي راند ڏسندي پڇيو ته اسماعيل کيڏندي ۽ مون ھاڪار ڪئي سامان ته مڪمل ڪرڪيٽ جو ھو پر رانديگرن وٽ شوز ۽ ڪٽ وغيره نه ھوندي ھئي ڪڏھن ميٿميٽڪ جو استاد سائين واجد علي جڏھن شامل ٿيندو ھو ته ڪرڪيٽ جو معيار ئي بدلجي ويندو ھو پوء 1979 ۾ جڏھن پاڪستان اسٽيل کان موڪل تي آيس ته ھاء اسڪول گرائونڊ تي قاضي امتياز احمد ، جميل احمد ڀٽي ، قاضي رياض احمد ، محمد عثمان سولنگي احمد بخش پنھور ۽ ٻيا ڪرڪيٽ کيڏندا ھيا ۽ مان به شامل ٿي ويس پوء باقاعده ڪرڪيٽ جو آغاز ٿو ۽ اسان شروع ۾ ڊبل وڪيٽ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جو آغار ٿيو پھريون ٽورنامينٽ منورعلي جھتال ۽ محبوب راء اوڏ کٽيو ٻيو ڊبل وڪيٽ جو فاتح قاضي امتياز احمد ھيو ۽ مون ان وقت کيس ڪلھي تي گرائونڊ جو چڪر لڳايو ھيو ۽ انھن سان ٻيو ڪھڙو پليئر ھيو مونکي ياد نه ٿو اچي پر ٽين ڊبل وڪيٽ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ شاھد حسين کھرو ۽ اسرار احمدڌ جيڪي دادو شگرملز جا ملازم ھئا ۽ سندن تعلق سيتاروڊ سان ھيو بعد ۾ جڏھن استاد بخاري وفات ڪئي ته سندن ياد ۾ ضلع سطح تي ھڪ ڪامياب ۽ شاندار ٽورنامينٽ منعقد ڪرايو ان ۾ بلندرام اوڏ جو ھڪ دوست اقبال احمد آرائين پيپسي کان اسپانسر وٺي ڏنو جيڪي ڪافي سالن تائين تائين جاري رھيو ان ٽورنامينٽن جي ڪاميابي جو ڪارڻ قاضي امتياز احمد ۽ سيد الطاف احمد شه بخاري جي مڪمل سھڪار ھيو ۽ ٽورنامينٽ جي فائنل جا انتظام به شاندار ھوندا ھئا اھي تمام رانديگر دل سان ڪم ۾ حصو وٺندا شاميانا لڳائڻ ان ۾ مھمانن لا صوفه سيٽ ۽ ڪرسين جو انتظام ڪرڻ پرئمري اسڪول مان بئنچون کڻي گرائونڊ جي چوڌاري رکڻ جيئن ڪرڪيٽ شائقين آرام سان ويھي ميچ مان لطف اندوز ٿين مزي جي ڳالھجو ڪيترا به مھمان تماشائي ھجن انھن کي پاڻي بسڪيٽ ۽ چانھ ڪاميٽي طرفان ڏني ويندي ھئي جنھن جا سربراھ جاويد اختر آرائين ھئا ھڪ دفعي ڪراچي مان صغير شاھد انصاري سالڪ مجيد ۽ اظھر علي آيا جن مونکي ته ننڍڙي شھر ۾ ايڏو سٺو ٽورنامينٽ ۽ بھترين انتظام جيڪي وڏن شھرن ۾ نه ٿيندا آھن ھڪ دفعي ڪراچي مان سائين محمد عيسي پنھور جو فرزند اسد الله پنھور ، ۽ اسٽيا ٽائون جيم خانه ڪراچي جا ٻه پلئر غلام مرتضي ٻگھيو ۽ اعجاز ملاح ڦلجي اسٽيشن ۽ انھن به سٺن انتظامن ۽ ننڍي شھر ۾ اسپانسر شپ جي تعريف ڪئي ۽ ڪراچي واپس اچي اسٽيل ٽائون جيم خانه جي سيڪريٽري فصيح الله خان کي وٺي مون وٽ آيا ۽ چيائون ته اوھان اسٽيل ٽائون جيم خانه ڪرڪيٽ ٽيم جا صدر ٿيو مون پھريائين انڪار ڪيو ۽ بعد ۾ جواب نه ڏئي سگھيس ۽ مان اسٽيل ٽائون جيم خانه جو صدر ٿي ويس منھنجي ڪرڪيٽ ۾ ڪاميابي جو ڪرڪيڊٽ محترم قاضي امتياز احمد ڏانھن وڃي ٿو انھن جي سپورٽ کان سواء ڪجھ به ممڪن نه ھيو ان لاء سندن مھرباني سيد الطاف شاه بخاري جي به ھميشه سپوررٽ رھي ۽ وڏو ڪردار شاه لطيف ڪرڪيٽ ڪلب جي تمام پلئرز ادو غلام حيدر آرائين ، بلندرام اوڏ ، شاھدحسين کھرو ، غلام شبير آرائين ، راھب مل اوڏ ، عزيزالله سيال ، محبوب راء اوڏ ، جاويد اختر آرائين ، سيد مسرور علي شاه ۽ٻيا شامل ھوندا ھيا ان کان علاه مرحوم جميل احمد ڀٽي ، محمد اسحاق ساقي ۽ سندس ٽيم جي به ھميشه سپورٽ رھي

اپنا تبصرہ بھیجیں