لاڙڪاڻي ۾ مرڪز ولايت علي پاڪستان سنڌ طرفان مرڪزي سربراهه سيد علي رضا جاني شاهه جي ھدايتن تي پاڪ فوج سان اظهار يڪجھتي طور امام بارگاهه ولايت علي امير المومنين سادات گهٽي کان ريلي ڪڍي وئي


لاڙڪاڻو رپورٹ محمد عاشق پٹھان لاڙڪاڻي ۾ مرڪز ولايت علي پاڪستان سنڌ طرفان مرڪزي سربراهه سيد علي رضا جاني شاهه جي ھدايتن تي پاڪ فوج سان اظهار يڪجھتي طور امام بارگاهه ولايت علي امير المومنين سادات گهٽي کان ريلي ڪڍي وئي جيڪا شهر جي مختلف رستن کان ٿيندي جناع باغ چوڪ وٽ پهتي جتي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن هٿن ۾ قومي ۾ تنظيمي جهنڊا توڙي بئنر کڻي پاڪ فوج جي حمايت ۾ نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن ايڊوڪيٽ پير سيد ڪاشف شاهه، علامه سفير حسين ڪربلائي، اقبال جعفري، سيد احسان شاهه، سيد جاويد شاهه ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته اقتدار جي لالچ ۽ حوس ۾ نشي ۾ هڪ سياسي پارٽي جي ڪارڪنن طرفان پاڪستان ۽ پاڪ فوج خلاف منظم سازش ڪري ملڪن ۾ وڳوڙ پيدا ڪري سرڪاري ملڪيتن کي ساڙي گهيراءُ ڪري نه صرف ڪور ڪمانڊر لاهور جي رهائشگاهه تي حملو ڪري ان کي نقصان پهچايو پر قائداعظم محمد علي جناع ۽ فاطمه جناع جي رهائشگاهه واري هنڌ کي ساڙي قيمتن شين جو نقصان ڪيو جنهن عمل جي اسين سخت مذمت ڪيون ٿا. هنن چيو ته اسان هن مشڪل وقت ۾ پاڪ فوج ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان گڏ بيهڻ جو عزم ڪندي اهو واضع ٿا ڪيون ته پاڪستان جي اندر ڪنهن به اهڙي قسم جي اندروني ۽ بيروني سازش جنهن سان ملڪي حالتون خراب ٿين ان سازش کي هر طرح ناڪام بڻائينداسين. هنن چيو ته حضرت علي عليه السلام جو قول آهي ته جنهن ڌرتي، وطن يا ملڪ تي رهو ان جا وفادار ٿي رهو اسان ان فرمان تي عمل ڪندي اڄ پاڪ فوج ۽ ملڪي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي حمايت ۾ نڪتا آهيون ۽ ملڪ دشمن انهن دهشتگردن کي اهو ٻڌائڻ ٿا چاهيون ته اسين پاڪ فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان گڏ آهيون ۽ مطالبو ٿا ته سياسي جماعت جي شرپسندن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي جيئن مستقبل ۾ اهڙي قسم جا واقعا پيش نه اچن.
==================

اپنا تبصرہ بھیجیں