
ٺٽو(رپورٽ: علي گوهر قمبراڻي) سنڌي شاگرد تحريڪ طرفان جھمپير شھر ۾ ٽيڪنيڪل ڪاليج قائم ڪري بند پيل اسڪول کولرائي لائبريري ۽ راند جا ميدان قائم ڪرڻ سميت نصابي ڪتابن جي کوٽ کي ختم ڪري تعليم دشمن پاليسين خلاف ھڪ احتجاجي مظاھروجھمپير شھر ۾ سنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري علي رضا جلباڻي، ضلعي ٺٽي جي صدر غلام علي زئور، علي اڪبر لاشاري، ممتاز چانگ، عوامي تحريڪ ضلعي ٺٽي جي جنرل سيڪريٽري شاھ محمد چانگ، صدام چانگ جي اڳواڻي ۾ ڪندي چيو ته سنڌ جي تعليم کي ھڪ منظم سازش تحت تباھ ۽ برباد ڪيو پيو وڃي. ھڪ طرف سنڌ جي شاگردن لاء نصابي ڪتابن جي کوٽ پيدا ڪئي ويئي آھي تہ ٻئي طرف لائيبرريون بہ مھيا نٿيون ڪيون وڃن ۽ نہ ئي نوجوانن لاء راندين جا ميدان ٿا قائم ڪيا وڇن. ھنن چيو تہ اسڪولن کي غير فعال بڻائي سنڌ جي روشن مستقبل کي ھڪ وڏي سازش تحت تباھ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، ھنن چيو تہ سنڌي شاگرد تحريڪ سمجھي ٿي تہ مختلف ھيلا هلائي سنڌ جي تعليم تباه ڪري سنڌ جي نوجوان نسل کي تعليم جھڙي قيمتي زيور کان محروم رکيو پيو وڃي، ھنن گھر ڪئي تہ جھمپير شھر جي نوجوانن ۽ شاگردن جي سکيا لاء ٽيڪنيڪل ڪاليج قائم ڪري نوجوانن کي جديد ٽيڪنالاجي جي سکيا ڏيئي مقامي ونڊ پاور پراجيڪٽن ۽ ٻين ڪمپنين ۾ مقامي ماڻھن کي ملازمتون ڏيئي بند پيل اسڪول فعال ڪري شاگردن جو مستقبل بچايو وڃي. ھنن چيو تہ 30 ھزار کان وڌيڪ آبادي رکندڙ جھمپير شھر ۾ بجيٽ ھجڻ باوجود بہ افسوس جي ڳالھ آھي جو پبلڪ لائبريري ۽ راند جي ميدان جو ڪو وجود ئي ناھي، ھنن چيو تہ جھمپير شھر ۾ پبلڪ لائبريري ۽ راند جو ميدان قائم ڪري ٺٽي ضلعي ۾ ھڪ جنرل يونيورسٽي قائم ڪري آسپاس جي ڳوٺن ۽ شھرن جي شاگردن لاء سھولتون پيدا ڪيون.

ٺٽو(رپورٽ: علي گوهر قمبراڻي) سنڌ ترقي پسند پارٽي جھمپير پاران ڪينجھر ڍنڍ کي گدلاڻ کان بچائي، جھمپير شھر جي گندي پاڻي جو نيڪال ڪينجھر ڍنڍ ۾ بند ڪري پبلڪ هيلٿ کاتي ٺٽي ۽ ٺيڪيدارن جي ملي ڀڳت سان ناقص مٽيرل استعمال ڪري ڪروڙين روپين جي ڪيل ڪرپشن جي جانچ ڪرائي ملوثن خلاف ڪاروائي ڪرڻ سميت پبلڪ ھيلٿ کاتي جي نااهلي سبب جهمپير شھر جي ڊرينيج سسٽم جو ڪم مڪمل هئڻ باوجود گٽرن جي گندي پاڻي واري نيڪال وارو عمل شروع نہ ٿيڻ خلاف ھڪ احتجاجي مظاھرو جھمپير شھر ۾ ايس ٽي پي جھمپير جي صدر لعل حسين مري، رحمان پالاري، نديم چانگ، شوڪت پالاري جي اڳواڻي ۾ ڪري سخت نعريبازي ڪندي چيو تہ جهمپير شھر جي ڊرينيج سسٽم اسڪيم ۾ ناقص مٽيريل استعمال ڪري اسڪيم کي ڪاغذن ۾ مڪمل ڏيکاري ڪروڙين روپين جي ڪرپشن ڪئي ويئي آهي، ھنن چيو تہ گٽرن جو گندو پاڻي جھمپير شھر جي مک رستي کي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو آهي، جتان شهر طرف ايندڙ ويندڙ ماڻھون سخت پريشانين کي منهن ڏيڻ سميت روڊ ٽٽي وڃڻ ڪري گاڏيون ڦاسڻ توڙي ڪلٽي ٿيڻ بہ روز جو معمول بڻجي ويو آھي، تہ ٻئي طرف ساڳيو گندو پاڻي ڪينجھر ڍنڍ ۾ ڇوڙ ٿي رهيو آهي، جيڪو ڍنڍ جي پاڻي کي پڻ خراب ڪري رھيو آھي، جنھن ڪري ڪينجهر جو پاڻي واپرائڻ سبب ڪيتريون ئي بيماريون پيدا ٿي چڪيون آهن، هنن ڊي سي ٺٽو، لاڳاپيل کاتي جي اعليٰ عملدارن سميت چونڊيل نمائندن کان مطالبو ڪيو آھي تہ فورن نوٽيس وٺي مڪمل ٿيل ڊينيج سسٽم کي چالو ڪرائي گٽرن جي گندي پاڻي جي نيڪال واري عمل کي يقيني بنائي ٿيل ڪرپشن جي جانچ ڪرائي ملوثن خلاف ڪاروائي ڪري شھرين توڙي گاڏين وارن کي پريشاني کان بچايو وڃي.


