ڪراچي کانپوء ٺٽي ۾ بہ لاش ملڻ جو سلسلو جاري، ھڪ ڏينھن ۾ ٻن نامعلوم شخصن جا لاش برآمد،


ٺٽو(ڊر) ڪراچي کانپوء ٺٽي ۾ بہ لاش ملڻ جو سلسلو جاري، ھڪ ڏينھن ۾ ٻن نامعلوم شخصن جا لاش برآمد، علائقي ۾ خوف واري صورتحال ڇانيل، خبر موجب ٺٽي لڳ سنڌو درياء جي دولھ درياء خان ٺٽو سجاول پل ھيٺان ھڪ اڌڙوٽ شخص جو لاش پوليس کي ھٿ آيو آھي، ٺٽو پوليس لاش کڻائي اسپتال پھچائي ضروري ڪاروائي بعد ايڌي سينٽر حوالي ڪري ڇڏيو آھي، جتي لاش جي سڃاڻپ نہ ٿي سگھي آھي، ٻئي طرف ڌاٻيجي جي قلندري هوٽل وٽان پڻ پوليس کي ھڪ لاش هٿ آيو آھي، جنهن جي پڻ سڃاڻپ نہ ٿيڻ ڪري لاش گهارو اسپتال ۾ رکرايو ويو آھي، ٺٽي اندر اوچتو ملندڙ لاشن سبب علائقي ۾ خوف ڇانئجي ويو آھي. ٻنھي ملندڙ نامعلوم شخصن جي لاشن جي اخري اطلاعن تائين سڃاڻپ ٿي ناھي سگھي. جن جي موت جو ڪارڻ بہ معلوم ٿي ناھي سگھيو.

اپنا تبصرہ بھیجیں