جماعت اسلامي ضلعي ٺٽي پاران تازو ٿيل بلدياتي اليڪشن جي ٻئي مرحلي ۾ ڪراچي شھر ۾ جماعت اسلامي جي عوامي مينڊيٽ کي چوري ڪري نتيجا ظاھر نہ ڪرڻ خلاف ھڪ احتجاجي مظاھرو ٺٽي

ٺٽو(رپورٽ علي گوهر قمبراڻي) جماعت اسلامي ضلعي ٺٽي پاران تازو ٿيل بلدياتي اليڪشن جي ٻئي مرحلي ۾ ڪراچي شھر ۾ جماعت اسلامي جي عوامي مينڊيٽ کي چوري ڪري نتيجا ظاھر نہ ڪرڻ خلاف ھڪ احتجاجي مظاھرو ٺٽي ۾ جماعت اسلامي ٺٽو جي اڳواڻن عبدالله آدم گندرو، ايڊوڪيٽ عبدالمجيد سمون، عبدالحميد شورو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪري سخت نعريبازي ڪندي چيو تہ ھڪ سازش تحت ڪراچي ۾ جماعت اسلامي جي عوامي مينڊيٽ کي چوري ڪري ڪافي اميدوارن جا نتيجا بہ اڃان تائين ظاھر ناھن ڪيا، اھا ڌانڌلي ناھي تہ ٻيو ڇا آھي، ھنن گھر ڪئي تہ ڪراچي ۾ چوري ٿيندڙ عوامي مينڊيٽ جو نوٽيس وٺي رھيل نتيجا ظاھر ڪري جماعت اسلامي جي ڪارڪنن ۾ ڦھليل بيڇيني دور ڪري سندن حقن تي لڳل ڌاڙن جو نوٽيس ورتو وڃي.
============

اپنا تبصرہ بھیجیں