29 هين جي ايس ايم يو سنڊيڪيٽ ملازمن لاءِ مفت ٽرانسپورٽ ۽ نين ڀرتين جي منظوري ڏئي

جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي ( جي ايس ايم يو ) جي 29 هين سنڊيڪيٽ اجلاس بروز ڇنڇر 29 جون 2024 تي منعقد ٿيو.
اجلاس جي شروعات ڊاڪٽر اعظم خان تلاوت ڪلام پاڪ سان ڪئي، جنهن کانپوءِ وائس چانلسر پروفيسر امجد سراج ميمڻ آجياڻي واري تقرير ڪندي نون ميمبرن کي ڀليڪار ڪيو.
وائس چانسلر چونڊيل ميمبرن جي موجودگيءَ جو ذڪر ڪيو ۽ ايم پي ايم سهراب خان سرڪي جو نالو پڻ ورتو جنهن کي ميمبر نامزد ڪيو ويو هو.
اجلاس شرڪت ڪندڙن ۾ شاهه عبدالطيف يونيورسٽي جي اڳوڻي وائس چانلسر نيلوفر شيخ، فيڊرل هائر ايجوڪيشن ڪميشن ( ايڇ اي سي ) جا نمائندن ۽ سيڪريٽري يونيورسٽيز ۽ بورڊز محمد عباس بلوچ شامل هئا.
اجلاس ۾ جي هڪ خاص ڳالهه اِها هئي ته هئي ته يونيورسٽي جي سمورن ملازمن لاءِ مفت ٽرانسپورٽ فراهم ڪرڻ تي گڏيل فيصلو ڪيو ويو، جنهن ذريعي يونيورسٽي جي پنهنجي عملي لاءِ سهولتون فراهم ڪرڻ جو عزم ورجايو ويو .
اجلاس ۾ 28 هين اجلاس جي منٽس جي تصديق ڪئي وئي ۽ 29 هين ميٽنگ جي ايجنڊا تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ڊائريڪٽر هيومن ريسورس ڊاڪٽر راحت ناز ٽن تازن سليڪشن بورڊز جي عمل جا تفصيل بيان ڪيا.
جناح پوسٽ گريجويٽ ميڊيڪل سينٽر ۽ نيشنل انسٽيٽيوٽ آف چائلڊ هيلٿ ۾ ٻٽي مقررين بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، جنهن ۾ ذڪر ڪوي ويو ته يونيورسٽي بدران ڊيپارٽمنٽل پروموشن ڪميٽيون مقررين جا فيصلا ڪري رهيون آهن، ڊاڪٽر نوشاد شيخ نشاندهي ڪئي ته سنڌ جي سمورن سرڪاري ميڊيڪل يونيورسٽيز جا وائس چانسلرز اسپتالن جي بورڊ آف گورنرز جي چيئر طور خدمتون انجام ڏيندا آهن ، پر جي ايس ايم يو ۾ ائين نه آهي، هن جي ايس ايم يو جي وائس چانسلر کي بورڊ آف گورنرز جي چيئر طور شامل ڪرڻ جي درخواست ڪئي ته جيئن مقررين ۾ موجود فرق ختم ٿي سگهي، سيڪريٽري يونيورسٽيز ۽ بورڊز محمد عباس بلوچ اِهو معاملو ڏسڻ تي اتفاق ڪيو.

ڊائريڪٽر فنانس عادل رشيد ملازمن جي پگهارن مان ٽرانسپورٽ ڀاڙن جي ڪٽوتي واري مسئلي تي ڌيان ڏياريو، ڊاڪٽر نوشاد شيخ ڀاڙي جي ڪٽوتين کي مڪمل طور روڪڻ جي سفارش ڪئي، جنهن کي متفقه طور تي منظور ڪيو ويو، ميڊيڪل الائونسز جي ۽ ميڊيڪل انشورنس تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ رٽائر ٿيندڙ ملازمن جي مسئلن کي به اجاگر ڪيو ويو، پروفيسر نيلوفر شيخ جي ايس ايم يو جي ميڊيڪل انشورنس جي سهولت کي يونيورسٽيز ۾ پيش ڪيل بهترين سهولتن مان هڪ طور ساراهيو.
ڪنٽريڪچوئل ملازمن جي پئڪيجن ۾ پي ايڇ ڊي الائونسز جي شموليت تي بحث ڪيو ويو، انهن ملازمن وچ ۾ امتياز ڪيو ويو جن مقررين کان اڳ ۽ پوءِ پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي، اِهو اتفاق ڪيو ويو ته اهي ملازم جيڪي جي ايس ايم يو ۾ شموليت کانپوءِ پي ايڇ ڊي مڪمل ڪيون اِهي پي ايڇ ڊي الائونسز لاءِ درخواست ڏيڻ جي اهل هوندا ۽ ايڇ اي سي ذريعي تصديق جي تاريخ کي الائونس جي شروعاتي تاريخ سمجهيو ويندو ، وزيراعليٰ جي اجازت کانپوءِ گريڊ 19کان 20 تائين جي پرومويشنز کي هڪ وقتي قدم طور منظور ڪو ڪيو ويو، منظور ٿيل پوسٽن جي معاملي کي فنانس ۽ پلاننگ ( FPC) کي موڪليو ويو.
پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف فارماسيوٽيڪل هيلٿ سائنسز جي فارم-ڊي پروگرام ۽ سنڌ ماڊرن ڪاليج آف نرسنگ اينڊ هيلٿ سائنسز جي بي ايس سي نرسنگ پروگرام لاءِ نئين الحاق ايجنڊا کي منظور ڪيو ويو.
سنڊيڪيٽ ڊائريڪٽر ليگل افيئرز لاءِ سينيئر لا آفيسرن کي معيار ۾ شامل ڪرڻ جي اجازت ڏني ڇو ته لا آفيسر حڪومت جي قانونن ۽ ظابطن کان واقف هوندا آهن، اِهو ٻڌايو ويو ته سليڪشن بورڊ جي رڪن ڊاڪٽر خالد محمود پنهنجي ذميوارين تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي ۽ سندس جاءِ تي ڊائو يونيورسٽي آف هيلٿ سائنسز جي اڳوڻي پرو وائس چانسلر ڊاڪٽر سارا قاضي کي متبال طور تي منظور ڪيو ويو، ايڊوانسڊ اسٽڊيز اينڊ ريسرچ بورڊ ( اي ايس آر بي ) کي پروفيسر حليمه ياسمين جي پروفيسر سعديه اڪرم جي جاءِ والارڻ تي ٻيهر تشڪيل ڏنو ويو آهي جنهن ۾، جي ايس ايم يو ظابطن ۾ ترميمن، جن ۾ ڪنٽريڪچوئل اسٽاف جي ووٽنگ رائٽس تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، اِهي ترميمون سينڊيڪٽ کان سينيٽ ۽ پوءِ صوبائي اسيمبلين ڏانهن وينديون.
اجلاس جي پڄاڻي وائس چانسلر پاران سمورن ميمبرن جي فعال شرڪت لاءِ شڪريو ادا ڪرڻ تي ٿي.

اپنا تبصرہ بھیجیں