ورلڊ ڪلچر فيسٽيول 2025 جي 23هين ڏينهن پرتگال جي سفير جو آرٽس ڪائونسل جو دورو.

ڪراچي ( ) آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ڪراچي جي اهتمام هيٺ جاري 39 ڏينهن واري ورلڊ ڪلچر فيسٽيول 2025 جي 23هين ڏينهن پرتگال جي سفير مانويل فيڊريڪو پنهيرو دا سلوا آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ڪراچي جو دورو ڪيو ۽ آرٽس ڪائونسل جي صدر محمد احمد شاهه سان ملاقات ڪئي. دوري دوران پرتگال سفارتخاني جي سياسي ۽ معاشي شعبي جي آفيسر ڊيوڊ آرڪائو، آرٽس ڪائونسل جي عهديدار سيد امين الدين فقير ۽ ورلڊ ڪلچر فيسٽيول ۾ پرفارم ڪندڙ پرتگالي موسيقار ريڪارڊو پاسوس پڻ موجود هئا. صدر آرٽس ڪائونسل محمد احمد شاهه پرتگال جي سفير فيڊريڪو سلوا کي سنڌي تهذيب جي سڃاڻپ اجرڪ، سندهي ٽوپي ۽ گلدستو پيش ڪيو، جڏهن ته پرتگال جي سفير پاڪستان ۽ پرتگال جي 75 سالن جي سفارتي لاڳاپن جي خوشي ۾ احمد شاهه کي يادگيري طور ميڊل جي چين تحفي ۾ ڏني. پرتگال جي سفير آرٽس ڪائونسل ۾ لڳل مختلف هنري ۽ ثقافتي سرگرمين بين الاقوامي مصوري جي نمائش، فلم ڏيکاري، ٻارن لاءِ ورڪشاپس ۽ ٻاهرين ڏيوار تي تيار ڪيل ميورل آرٽ جو تفصيلي جائزو ورتو.ان موقعي تي سفير فيڊريڪو سلوا چيو ته آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ڪراچي فنون لطيفه جي واڌاري لاءِ شاندار ڪم ڪري رهي آهي. احمد شاهه بهتر دنيا جي تخليق لاءِ وڏيون ڪوششون ڪري رهيا آهن، انهن جي ثقافتي محنت مون کي تمام گهڻو متاثر ڪيو آهي. فيسٽيول ۾ پرتگال جا فنڪار پڻ شرڪت ڪري رهيا آهن، جڏهن⁠تہ آرٽس ڪائونسل جون مختلف اڪيڊميون ٻارن ۽ شاگردن کي بين الاقوامي فنڪارُن کان سکڻ جا وڏا موقعا فراهم ڪري رهيون آهن. اسان مستقبل ۾ به ثقافتي لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ڪنداسين.

اپنا تبصرہ بھیجیں