
ٺٽو رپورٽ علي گوهر قمبراڻي
قومي عوامي تحريڪ سربراھ ايازلطيف پليجو پنهنجي 56 هين سالگرھ جي موقعي تي پنهنجي والد عظيم مفڪر استاد رسول بخش پليجو جي آخري آرام گاھ تي جنگشاهي لڳ ڳوٺ منگر خان پليجو پھتو. ان موقعي تي اياز لطيف پليجي سندس والد سنڌ جي ڏاهي رسول بخش پليجو جي مزار تي حاضري ڀري چادر چاڙهي دعا گهري پليجي جي مزار تي ڪارڪنن سان ڳالهائيندي اياز لطيف پليجي چيو تہ رسول بخش پليجي انتھاپسند جي اوندھ کي ختم ڪرڻ لاء روشن خيالي ۽ علم جا ڏيئا روشن ڪيا۔ ھن سڄي سنڌ جي ڳوٺ ڳوٺ ۾ عوام کي بيدار ڪيو۔ قومي عوامي تحريڪ رسول بخش پليجي جي ڏسيل واٽ تي ھلي رھي آھي سنڌو درياھ تي ڌاڙي خلاف، ڪرپشن ۽ ٻين سنڌ ۽ ملڪ دشمن منصوبن خلاف جدوجھد جي ميدان تي آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ رسول بخش پليجو شھيد ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاسي کان بچائڻ ۽ جمھوريت جي بحالي لاء ايم آر ڊي جا بنياد وجھي آمريت جون پاڙون اکيڙي ڇڏيون۔ ان کان پوء اليڪشن لاء فيصلو ٿيو تہ ايم آر ڊي ۾ گڏ رھندڙ اتحادي ھڪٻئي جي سامھون اميدوار نہ بيھاريندا پر پيپلز پارٽي اقتدار لاء سوديبازي ڪري سنڌ جو حقيقي ڪيس ۽ مظلوم عوام جو آواز ايوانن تائين پھچڻ کان روڪڻ لاء اليڪشن ۾ رسول بخش پليجي جي سامھون اميدوار بيھاري ان جي رستا روڪ ڪئي۔ پليجي جي جدوجھد مظلوم عوام لاء ھئي، ظالم حڪمراني خلاف ھئي، پليجو ڪرپشن خلاف جنگ ڪئي۔ پليجي جو مقصد ڪنھن کي اقتدار ڏيارڻ لاء ڏاڪڻ بنجڻ نہ ھو۔ ھن درياھ تي ڌاڙي، پاڻي، غير قانوني پرڏيھين، مھاجر صوبي، ون يونٽ، زمينن جي نيلامي، عالمي طاقتن جي ايجنٽ ايم ڪيو ايم پيپلز پارٽي جي ڪرپشن خلاف بي مثال تحريڪون ھلائي لازوال ڪاميابيون حاصل ڪيون۔ اياز لطيف پليجي چيو تہ رسول بخش پليجو سنڌ آھي ۽ سنڌ رسول بخش پليجو آھي۔ پليجي ڪشمور کان ڪارنجھر تائين ڳوٺ ڳوٺ ۽ شھر شھر وڃي عوام کي بيدار ڪري سنڌ ۽ مظلوم عوام جي حقن لاء جنگ ڪئي۔ پليجي ون يونٽ، ضيا شاھي، پيپلز پارٽي ۽ ن ليگ کان وٺي ھر حڪومت ۾ ڪرپشن ۽ سنڌ دشمن منصوبن خلاف جدوجهد ڪئي اياز لطيف پليجي چيو تہ رسول بخش پليجو سنڌ ۽ مظلوم عوام جو رھبر ھو۔ رسول بخش پليجو ظلم جي ھر صورت خلاف ھو۔ ھن ٻارن، عورتن، اقليتن، ھارين، مزدورن ۽ مسڪينن لاء جنگ ڪئي۔ پليجو صاحب کي جدوجھدن جو وڏو آرٽ ھو۔ رسول بخش پليجي ضيا جي ڪاري دور ۾ لکين ماڻھو گڏ ڪري آمريت کي للڪاريو۔ رسول بخش پليجو خاڪ کي سون بنائڻ جو ماھر ھو۔ ھو سنڌ ۽ مسڪين عوام جي جدوجھدن جو سپھ سالار ھو۔ اياز لطيف پليجي چيو تہ رسول بخش پليجي وڏيرڪي، جاگيردار، سرداري ۽ ڪرپٽ سماج جي گھاڻي ۾ پيڙھجندڙ طبقن کي طاقتور بنايو۔ ھن عورتن، ھارين، مزدورن ۽ ٻارن کي تحريڪن جو اڳواڻ بنايو۔ اياز لطيف پليجي چيو تہ رسول بخش پليجو ڪرپشن، آمريت، انتھاپسندي ۽ عوام دشمن جاگيرداري ۽ سرمائيداري ظلم خلاف جنگ جو نالو آھي. رسول بخش پليجي سنڌ جي عوام کي وقار سان جيئڻ سيکاريو۔ ھارين مزدون ۽ عورتن کي جدوجھد ذريعي سنڌ جو حقيقي محافظ بنايو. رسول پليجو اھا يونيورسٽي ھو، جنھن سنڌ جي عوام کي عالمي ادب، ترقي پسندي، روشن خيالي، انسان دوستي، مظلوميت جو طرفدار، انتھاپسندي، ڪرپشن خلاف ۽ رات جي رھزنن سان وڙھڻ سيکاريو۔ اياز لطيف پليجي چيو تہ رسول بخش پليجو شھيد ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاسي کان بچائڻ ۽ جمھوريت جي بحالي لاء ايم آر ڊي جا بنياد وجھي آمريت جون پاڙون اکيڙي ڇڏيون۔ رسول بخش پليجي صاحب جي جدوجھد مظلوم عوام لاء ھئي، ظالم حڪمراني خلاف ھئي، پليجي صاحب ڪرپشن خلاف جنگ ڪئي۔ ھن درياھ تي ڌاڙي، پاڻي، غير قانوني پرڏيھين، مھاجر صوبي، ون يونٽ، زمينن جي نيلامي، عالمي طاقتن جي ايجنٽ ايم ڪيو ايم پيپلز پارٽي جي ڪرپشن خلاف بي مثال تحريڪون ھلائي لازوال ڪاميابيون حاصل ڪيون۔ رسول بخش پليجو قبيلائي دھشتگردي ۽ عورتن جي قتلام خلاف للڪار ھو۔ ھن جرڳائي نظامي خلاف جدوجھد جا بند وڌا۔ رسول بخش پليجو سراپا زندگي ھو۔ ان موقعي تي ايڊووڪيٽ محبوب جوکيو، سليم چنا، ثناءالله وسطڙو، غلام قادر ڪلهوڙو، ايڊووڪيٽ عذير ڪنڀر گڌ هئا۔
==========================================

Sohaib Super Store
·
اجرک سوٹ 3 پیس
سندھی کڑاھی شرٹ دوپٹہ کڑھائی کے ساتھ
3,000/- روپے ……
( 03094386375 )
WhatsApp

8 رنگ والا بلوچی کڑاھی سوٹ
قیمت 4,000 روپے
( 03094386375 )
WhatsApp

Embroidery Ladies Suit
( 3,000/- )روپے
For Order Please Contact
( 03094386375 )
WhatsApp
================================
==========================================

Sohaib Super Store
·
اجرک سوٹ 3 پیس
سندھی کڑاھی شرٹ دوپٹہ کڑھائی کے ساتھ
3,000/- روپے ……
( 03094386375 )
WhatsApp

8 رنگ والا بلوچی کڑاھی سوٹ
قیمت 4,000 روپے
( 03094386375 )
WhatsApp

Embroidery Ladies Suit
( 3,000/- )روپے
For Order Please Contact
( 03094386375 )
WhatsApp
================================


