
ڪراچي (16 نومبر): سنڌ جي وڏي وزيرسيد مراد علي شاهه ڪورنگي ڪاز وي، شاھراهه ڀٽو ۽ ڪريم آباد انڊر پاس سميت ٽن اهم منصوبن جي بنيادي ڍانجن جي ڪم جو تفصيلي جائزو وٺندي، ڪم جي بهترمعيار۽ تيزيءَ ۾ واڌ لاءِ واضح حڪم جاري ڪيا. وڏي وزير سان گڏ صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ، سيد ناصر شاهه ۽ ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب پڻ موجود هئا۔ وڏي وزير چيو ته اسان جو مڪمل ڌيان عوامي مسئلن جو فوري حل فراهم ڪرڻ ۽ سڀني رڪاوٽن کي هٽائڻ تي آهي ته جيئن عوام کي بغيرڪنهن دير جي اچ وڃ جون سهولتون فراهم ڪيون وڃن.
ڪورنگي ڪاز وي:
وڏي وزير پنهنجي دوري جي شروعات ڪورنگي ڪاز وي جي تعميراتي ڪم جي جائزي سان ڪئي، جتي مون سون دوران ٻوڏ جهڙين حالتن ۽ بار بار بندش کان بچڻ لاءِ هن رستي جي نئين سر تعمير، ايليويشن ۽ پائيداري جو ڪم جاري آهي۔ سيد مراد علي شاهه ترقياتي ڪم سبب شهرين ۽ صنعتي شعبي سان لاڳاپيل ماڻهن کي ٿيندڙ تڪليفن تي معذرت جو اظهار پڻ ڪيو۔ هن چيو ته ڪورنگي ڪاز وي هڪ اهم شاهراهه آهي، جنهن جي بار بار بندش سبب عوام کي شديد ڏکيائن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو ۽ ڪراچي جون معاشي سرگرميون متاثر ٿين ٿيون۔ وڏي وزير مڪاني کاتي جي وزير ناصر شاهه کي هدايت ڪئي ته هو فوري طور عملي ۽ سامان جي فراهمي ۾ واڌ ڪري. وڏي وزيرواضح هدايتون ڏيندي چيو ته ڪم تي مڪمل قوت لڳايو، ان کي حصن ۾ نه ورهايو، ڇوتہ اهڙي صورت ۾ وڌيڪ وقت لڳي ٿو۔ وڏي وزير هدايت ڪئي ته مون کي ڪم باقاعدي ۽ پائيدار انداز ۾ ٿيندو نظر اچڻ گهرجي۔ مراد علي شاهه ٽريفڪ پوليس سان بهتر هم آهنگي جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ هدايت ڪئي ته ڪاز وي مڪمل طور فعال ٿيڻ تائين شهرين کي آسان ۽ متبادل رستو فراهم ڪيو وڃي۔
شاھراهه ڀٽو (مرغي خانو ۽ سمون ڳوٺ):
وڏي وزيرشاھراهه ڀٽو تي 15 ڪلوميٽر ڊگھي سيڪشن I مرغي خاني واري حصي جي ڪم جو جائزو ورتو۔ مڪاني کاتي جي وزير ناصر شاهه وڏي وزير کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته 98 سيڪڙو فزيڪل ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي ۽ ڪم آخري مرحلن ۾ داخل ٿي چڪو آهي۔ وڏي وزير مڪمل ٿيل حصن جو معائنو ڪيو۔ هن هدايت ڪئي ته شاھراهه ڀٽو شهر جي ماڻهن لاءِ هڪ اهم گذرگاهه آهي، رهيل ڪم کي جلد مڪمل ڪيو وڃي ته جيئن هن کي ڊسمبر 2025 يا جنوري 2026 تائين عوام لاءِ مڪمل طور کولي سگهجي۔ مراد علي شاهه پروجيڪٽ ڊائريڪٽر کي هدايت ڪئي ته سائن بورڊ جي تنصيب ۽ لينڊ اسڪيپنگ جو ڪم فوريً شروع ڪيو وڃي ته جيئن ٽريفڪ جي وهڪري ۾ بهتري اچي ۽ سيڪشن کُلندي ئي عوام کي واضح تبديلِي محسوس ٿيڻ گهرجي۔ وڏي وزير چيو ته منصوبي جي افتتاح کان اڳ مان ان جي آخري معيار کي ضرور چيڪ ڪندس۔ وڏي وزيرشاھراهه ڀٽو جي سمون ڳوٺ واري سيگمينٽ جو پڻ دورو ڪيو، جتي ايليويٽيڊ پورشن تعمير هيٺ هو۔ هن پروجيڪٽ ڊائريڪٽر کي هدايت ڪئي ته ڪم جي رفتار وڌائي وڃي، ته جيئن ايندڙ ٻن مهينن اندر هن کي ٽريفڪ لاءِ کولي سگهجي۔
ڪريم آباد انڊر پاس:
وڏي وزير مراد علي شاهه تعمير هيٺ ڪريم آباد انڊر پاس جي دوري دوران ڪريم آباد انڊر پاس تي 24 ڪلاڪ ڪم جاری رکڻ ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هي انڊر پاس سينٽرل ضلعي ۾ وڏي ٽريفڪ جي وهڪري کي گهٽائڻ لاءِ ٺاهيو ويو آهي جيڪو هڪ وڏو منصوبو آهي. وڏي وزير تعميراتي ۽ فنشنگ ڪمن جو جائزو ورتو ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب وڏي وزير کي ٻڌايو ته منصوبي تي 85 سيڪڙو فزيڪل ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي، جنهن ۾ 6.1 ميٽر ويڪرو ڊوئل ٽريڪ (2+2 لين) آهي ۽ 3.81 بلين ڊالر جي لاڳت سان تعمير ڪيو پيو وڃي. وڏي وزير چيو ته هتي ماڻهن کي روزانو ٽريفڪ جام کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، هن انڊر پاس کي جلد کان جلد مڪمل ڪيو وڃي. هن ڪراچي ڊولپمينٽ اٿارٽي (ڪي ڊي اي) کي هدايت ڪئي ته جتي به ضرورت هجي اتي 24 ڪلاڪ ڪم ڪيو وڃي. وڏي وزير ٽيم کي هدايت ڪئي ته هو هفتيوار اڳڀرائي رپورٽ سڌو سنئون سندس آفيس ۾ جمع ڪرائن۔ هن چيو ته مون کي ڪنهن به قسم جو عذر قبول ناهي، ڪم جي رفتار وڌايو ۽ اعليٰ معيار جو مواد استعمال ڪيو۔ ڪراچي پائيدار انفراسٽرڪچر جو حقدار آهي۔
وڏي وزير پروجيڪٽ ڊائريڪٽرز ۽ انجنيئرز کي پنهنجو واضح پيغام ڏنو ته سنڌ حڪومت شهرين لاءِ سهولتن کي بهتر کان بهتر بڻائڻ جو عزم رکي ٿي۔ ڪراچي کي تيز رفتار، محفوظ ۽ جديد انفراسٽرڪچر جي ضرورت آهي۔ هي منصوبا صرف رستا نه آهن، پر شهر جي معيشت ۽ روزمره جي زندگي ۾ ريڙھ جي هڏي جي حيثيت رکن ٿا۔


