
میڈیا کنسلٹنٹ، وزیراعلیٰ سندھ
لاڙڪاڻو (10 نومبر): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته آبادگارن جي سهائتا لاءِ شروع ڪيل “Growers Support Program” جو مقصد زرعي پيداوار ۾ اضافو آڻڻ ۽ في ايڪڙ اوسط ڪڻڪ جي پيداوار کي 35 مڻ تائين وڌائڻ آهي جنهن سان آبادگارن جي آمدني ۾ نمايان واڌ ٿيندي. هن اهو ڳالهه سومر ڏينهن لاڙڪاڻي جي پوليس ٽريننگ گرائونڊ ۾ منعقد ٿيل تقريبِ افتتاح ۾ ڳالهائيندي ڪئي جتي پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڊي اي پي ۽ يوريا ڀاڻ جي خريداري لاءِ سڌي نقد امداد (Direct Cash Transfer) پروگرام جو افتتاح ڪيو. وڏي وزير پنهنجي خطاب ۾ ماضي جي غلطين جو اعتراف ڪندي چيو ته ڪڻڪ لاءِ امدادي اگهه مقرر نه ڪرڻ جي غلطي سبب مهگي ڪڻڪ درآمد ڪرڻي پئي۔ هن ٻڌايو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کيس هدايت ڪئي ته وفاقي حڪومت ۽ آءِ ايم ايف سان ڳالهه ٻولهه ڪري ڪڻڪ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ امدادي اگهه ۽ خريداري جي ضمانت حاصل ڪئي وڃي جيئن آبادگارن کي پنهنجي محنت جو منصفاڻو معاوضو ملي سگهي. سيد مراد علي شاهه چيو ته ملڪ جي معيشت ۾ آبادگار ريڙهه جي هڏي جي حيثيت رکن ٿا. هن چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي مستقل رهنمائي ۽ دلچسپي تي ٿورا مڃيندي چيو ته اسلام آباد جي مصروف شيڊيول باوجود بلاول ڀٽو جو لاڙڪاڻي اچڻ، آبادگارن سان سندس عملي وابستگي جو ثبوت آهي. وڏي وزير 2022ع جي تباهه ڪن ٻوڏن کي ياد ڪندي چيو ته اهي سنڌ جي تاريخ جون بدترين ٻوڏون هيون جن دوران بلاول ڀٽو زرداري تڏهوڪي پرڏيهي وزير جي حيثيت سان فوري طور لاڙڪاڻي پهچي امدادي ڪمن جي پاڻ نگراني ڪئي. هن جي هدايت تي سنڌ حڪومت ٻوڏ متاثرن خاص طور آبادگارن جي بحالي جي مڪمل ذميواري ورتي. سيد مراد علي شاهه چيو ته بلاول ڀٽو جي ويزن تحت وڏي پيماني تي رهائشي منصوبي جو آغاز ڪيو ويو جڏهن ته وزيراعظم شهباز شريف به بحالي جي عمل ۾ تعاون ڪيو جيتوڻيڪ ان وقت ڪڻڪ جي پوک ۽ پاڻي جي بندوبست سان لاڳاپيل وڏا چئلينج موجود هئا. هن ٻڌايو ته موجوده پروگرام تحت 56 ارب رپين جي سڌي نقد امداد خاص طور تي 25 ايڪڙ تائين زمين رکندڙ ننڍن آبادگارن لاءِ رکيل آهي جيڪي تازي حالتن سبب گهڻو متاثر ٿيا آهن. اها رقم ڊي اي پي ۽ يوريا ڀاڻ جي خريداري لاءِ سنڌ بينڪ ۽ ٻين مالي ادارن وسيلي منتقل ڪئي پئي وڃي. وڏي وزير چيو ته حڪومت زرعي پيداوار وڌائڻ لاءِ سنجيده قدم کڻي رهي آهي ته جيئن ڪڻڪ جي في ايڪڙ پيداوار 35 مڻ تائين وڌائي سگهجي جنهن سان آبادگارن جي آمدني ۾ نمايان واڌ ايندي. ان مقصد لاءِ هفتيوار مانيٽرنگ سسٽم پڻ شروع ڪيو پيو وڃي ته جيئن آبادگارن کي پنهنجي محنت جو واجب اگهه وقت سر ملي. سيد مراد علي شاهه پنهنجي خطاب جي پڄاڻي تي چيو ته حڪومت جو ڌيان ڳوٺاڻي آبادگارن جي ڀلائي تي مرڪوز آهي ڇوته انهن جي خوشحالي ئي سنڌ ۽ پاڪستان جي ترقيءَ جي بنياد آهي. هن عزم ظاهر ڪيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ويزن مطابق حڪومت آبادگارن جي حقن جي تحفظ ۽ زرعي ترقي لاءِ پنهنجو سفر جاري رکندي.
عبدالرشيد چنا
ميڊيا ڪنسلٽنٽ، وزيراعليٰ سنڌ
—


