
ٽنڊوڄام (پريس رليز) سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ تدريسي سال 2025-26 لاءِ انڊر گريجوئيٽ ڊگري پروگرامن ۾ داخلا لاءِ درخواستون جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ ۾ واڌ ڪئي وئي آهي، يونيورسٽي جي ترجمان پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام۽ ان سان سلھاڙيل عمرڪوٽ ڪيمپس ۽ خيرپور ڪاليج آف ايگريڪلچر اينڊ مينيجمينٽ سائنسز ۾ انڊرگريجوئيٽ ڊگري پروگرامن ۾ داخلا لاءِ آن لائن داخلا فارم جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ 17 نومبر 2025 تائين واڌ ڪئي وئي آهي، جڏھن تہ داخلا لاءِ انٽري ٽيسٽ ساڳي تاريخ23 نومبر 2025 تي ئي ورتي ويندي..
Load/Hide Comments


