پرڏيهي ڌرتيءَ تي سنڌ جي سڃاڻپ جو آواز

Rafique Abbasi
پرڏيهي ڌرتيءَ تي سنڌ جي سڃاڻپ جو آواز
پياري فرحان سومرو جي شريڪ حيات ادي شاھدہ سومرو آمريڪي رياست ڪنڪٽيڪٽ (Connecticut) جي برينفورڊ ٽائون ڪائونسل جي ميمبر طور چونڊجڻ
نه رڳو سندس ذاتي جدوجهد ۽ صلاحيتن جي سڃاڻپ آهي، پر اها سنڌي عورت جي سياسي شعور، همت ۽ عالمي سطح تي سڃاڻپ جو ثبوت پڻ آهي.
ادي شاھدہ سومرو آمريڪا ۾ رهندي به پنهنجي سنڌي سڃاڻپ، ٻولي ۽ سماجي خدمت کي زنده رکيو آهي۔ سندس ٽيون ڀيرو ڪاميابي ڏيکاري ٿي ته سنڌي عورتون دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ هجن، پنهنجو وجود ۽ اثر ضرور قائم رکن ٿيون.
هي فتح سڀني سنڌين لاءِ فخر جو لمحو آهي ،ڇو ته اها ڏيکاري ٿي ته سنڌي عورت جو آواز هاڻي رڳو وطن تائين محدود نه رهيو آهي، بلڪ عالمي سطح تي گونجي رهيو آهي.

اپنا تبصرہ بھیجیں