سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر پاران ٺٽي ڪئمپس لاءِ منظور ڪيل 100 ايڪڙ زمين جو معائنو، اي ڊي سي عملي سميت ڪئمپس پھتو، ڊاڪٽر فتح مري کي تفصيلي بريفنگ


سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر پاران ٺٽي ڪئمپس لاءِ منظور ڪيل 100 ايڪڙ زمين جو معائنو، اي ڊي سي عملي سميت ڪئمپس پھتو، ڊاڪٽر فتح مري کي تفصيلي بريفنگ: قانوني گھرجون پوريون ڪري زمين جلد حوالي ڪئي وڃي (وائيس چانسلر)، صوبائي وزير علي حسن زرداريءَ ته روڊ به ٺھرائي ڇڏيو آھي، زمين الاٽمينٽ جي مرحلي ۾ آھي، ترت زمين ڪئمپس جي حوالي ڪنداسين: اي ڊي سي جي وضاحت


ٺٽو (پ ر) سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح مُحمد مريءَ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو غلام دستگير شيخ، پرو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر مصباح بيبي قريشي ۽ استادن سان گڏ ٺٽي ڪئمپس لاءِ سنڌ ڪابينا پاران منظور ڪيل ھڪ سئو ايڪڙ زمين جو دورو ڪري معائنو ڪيو. ان موقعي تي وائيس چانسيلر اي ڊي سي ٺٽو کي ڪئمپس جي زمين فوري منتقل ڪرڻ جو چيو، جنھن تي ھن چيو ته قانوني گھرجون پوريون ڪري جلد زمين ڪئمپس حوالي ڪئي ويندي. ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو غلام دستگير شيخ روينيو عملي سان گڏ ڪئمپس ۾ وائيس چانسلر کي تفصيلي بريفنگ پڻ ڏني. ان سلسلي ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو غلام دستگير شيخ جو چوڻ ھو تہ سِنڌ حُڪومت پاران لک پڙھ ڪري ڪيمپس لاءِ ڪوششون وَرتيون ويون ۽ پروپوزل موڪليو ويو. سِنڌ ڪابينا پاران زمين جي منظوري ڏني وئي، جيڪا ھاڻي الاٽمينٽ لاءِ آيل آھي، الاٽمينٽ جو پراسيس مڪمل ڪرڻ بعد زمين ڪئمپس انتظاميه حوالي ڪئي ويندي. ھن چيو ته زمين خوبصورت ۽ پرائيم لوڪيشن تي زمين آھي، جنھن کي جلد مڪمل ڪيو ويندو. ھن چيو تہ صوبائي وزير علي حسن زرداري پاران روڊ بہ تعمير ڪرايو ويو آھي، سنڌ حڪومت جو ٺٽي واسين لاءِ ھي تحفو آھي جنھن تي عمل جاري آھي. ھوڏانھن ورڪس سروس جي صوبائي وزير علي حسن زرداري پڻ ضلعي انتظاميہ کي فوري طور زمين جون قانوني گھرجون مڪمل ڪرڻ جون ھدايتون جاري ڪيون.

اپنا تبصرہ بھیجیں