ايم ڪيو ايم حقيقي جي سيڪٽر انچارج سوين ڪارڪنن سان گڏ پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل م شموليت جو اعلان ڪري ڇڏيو ،عوام عام چونڊن م جي ڊي اي جي اميدوارن کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪن،سردار عبدالرحيم.

ڪراچي (بيورو رپورٽ) پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل سنڌ جي جنرل سيڪريٽري جي ڊي اي جي اطلاعات سيڪريٽري سردار عبدالرحيم سان ايم ڪيو ايم حقيقي جي سيڪٽر انچارج لياقت آباد ناصر علي ،سيڪٽر ميمبر وحيد شيخ،سوين ساٿين سان گڏ پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل م شموليت جو اعلان ڪيو،ان موقعي تي ڪراچي زون رابطه ڪميٽي جي ڊپٽي ڪنوينئير بئريسٽر ارشد شر بلوچ ،ارمان فياض ء ٻيا موجود هئا ،سردار عبدالرحيم فنڪشنل ليگ م شموليت ڪندڙن کي ڀليڪار ڪندي چيو ت فنڪشنل ليگ جو واضع نعرو آھي متحد سنڌ مظبوط پاڪستان اگر سنڌ جي عوام متحد ھوندي ت پاڪستان ترقي ڪندو،ھن چيو ت فنڪشنل ليگ ڪراچي جي نمائنده جماعت آھي،جنھن جي دروازا سمورين سياسي پارٽين جي ڪارڪنن لاء کليل آھن،روزانو عوام ء سياسي ڪارڪنن جي فنڪشنل ليگ م شموليت فنڪشنل ليگ جي قيادت تي اعتماد جو اظھار آھي،ھن چيو ت ڪراچي جا وسيلا ٻنھي ھٿن سان لٽيا ويا آهن ،ھر طرف لاقانونيت جو راڄ آھي،شھري محفوظ ناھن،شھر جي ترقي ء خوشحالي لاء شھري فنڪشنل ليگ جي قيادت جا ھٿ مظبوط ڪن،ڪراچي جو عوام اعتماد ڪندي عام چونڊن م جي ڊي اي جي اميدوارن کي پنھنجو قيمتي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪن،ھن چيو ت زرداري ٽولي سنڌ جا وسيلا ٻنھي ھٿن سان لٽيا آھن،سنڌ جا پڙھيل لکيل نوجوان ھٿن م ڊگريون کڻي دربدر آھن،پر زرداري ليگ نوڪريون وڪڻي ميرٽ کي تباھ ڪيو آهي ،شموليت اختيار ڪندڙن م يوسي 22 لياقت آباد جي انچارج رضوان عرف شاني،پي ايس 127 جو اميدوار فيضان ء ٻيا شامل آھن.

https://www.youtube.com/watch?v=ak0DHASC

اپنا تبصرہ بھیجیں