سنڌ يونيورسٽي ۾ ٻئي مرحلي واري پري انٽري ٽيسٽ مڪمل،11 هزار کان وڌيڪ اميدوار مختلف بيچلرس ڊگري پروگرام ۾ داخلائن لاءِ قسمت آزمائي،

سنڌ يونيورسٽي ۾ ٻئي مرحلي واري پري انٽري ٽيسٽ مڪمل،11 هزار کان وڌيڪ اميدوار مختلف بيچلرس ڊگري پروگرام ۾ داخلائن لاءِ قسمت آزمائي، ٽيسٽ ڄامشورو مين ڪئمپس کانسواءِ ٻين ڪيمپسز ۾ پڻ ورتي وئي، 11 ھزار کان وڌيڪ سيٽن لاءِ بڻجي مرحلن ۾ 15607 شاگردن ۽ 5011 شاگردياڻين سميت ڪل 20618 اميدوارن داخلائن لاءِ قسمت آزمائي: وڏي تعداد ۾ اميدوارن پاران داخلائن لاءِ درخواستون ڏيڻ سندن ۽ سندن والدين جو مادرعلمي تي اعتماد جو کليل اظھار آھي: وي سي ڊاڪٽر فتح مري جي پريس بريفنگ
ڄامشورو (پ ر) سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو پاران بيچلرس ڊگري پروگرامز 2026 ۾ داخلائن لاءِ پري انٽري ٽيسٽ جو ٻيو مرحلو مڪمل ٿي ويو آھي. ٽيسٽ هڪ ئي وقت علامه آءِ آءِ قاضي ڪيمپس ڄامشورو، سنڌ يونيورسٽي لاڙ ڪيمپس بدين، سنڌ يونيورسٽي ڪيمپس دادو، سنڌ يونيورسٽي ڪيمپس ٺٽو ۽ سنڌ يونيورسٽي ڪيمپس نوشهروفيروز ۾ ورتي وئي. ٽيسٽ صبح جو 10 لڳي 10 منٽن تي شروع تي وئي، جيڪا بنا وقفي جي 90 منٽ جاري رھي. ٽيسٽ شروع ٿيڻ کان اڳ وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مري شيخ اياز آڊيٽوريم پھتو، جتي گڏيل دعا گھرڻ بعد ٽيسٽ شروع ڪرائڻ جي اجازت ڏني. بعد م ھن انسٽيٽيوٽ آف آرٽ اينڊ ڊزائن پھچي ميڊيا کي ٽيسٽ بابت بريفنگ ڏني ۽ چيو ته سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۽ بين ڪيمپسز ۾ مجموعي طور 11,278 اميدوارن ٻئي مرحلي جي انٽري ٽيسٽ ۾ بھرو ورتو، جن ۾ 8,067 ميل ۽ 3,211 فيميل اميدوار شامل ھئا.ھن چيو ته مين ڪيمپس ڄامشورو ۾ مجموعي طور 10,174 اميدوارن ٽيسٽ ڏني، جن ۾ 7,317 ميل ۽ 2,857 فيميل اميدوار شامل ھئا. ھن چيو ته لاڙ ڪيمپس بدين ۾ 450 اميدوارن داخلائن لاءِ قسمت آزمائي، جن ۾ 299 ميل ۽ 151 فيميل شامل ھئا. سندس چوڻ ھو ته م دادو ڪيمپس ۾ 297 ميل ۽ 134 فيميل سميت431 اميدوارن شرڪت ڪئي. ڊاڪٽر فتح مري جو چوڻ ھو ته ٺٽو ڪيمپس ۾ 87 ميل ۽ 30 فيميل سميت مجموعي طور 117 اميدوارن ۽ نوشهروفيروز ڪيمپس ۾ 67 ميل ۽ 39 فيميل سميت ڪل 106 اميدوارن انٽري ٽيسٽ ڏني. ھن چيو ته ٽيسٽ کي منظم، شفاف ۽ پرامن بنائڻ لاءِ يونيورسٽي انتظاميه جامع انتظام ڪيا. ھن چيو ته وڏي تعداد ۾ اميدوارن پاران سنڌ يونيورسٽي ۾ داخلائن لاءِ درخواستون ڏيڻ سندن مادر علمي تي اعتماد جو اظھار آھي. يونيورسٽي جي مين ڪيمپس ۾ چار ميڊيڪل ڪيمپون قائم ڪيون ويون، جتي اميدوارن کي ھنگامي حالتن جي صورت ۾ ابتدائي طبي امداد ڏني وئي. ان کان علاوه سيڪيورٽي کي يقيني بڻائڻ لاءِ امتحاني مرڪزن جي داخلا دروازن تي واڪ ٿرو گيٽ لڳايا ويا. رينجرز، پوليس ۽ يونيورسٽي جي پنهنجي سيڪيورٽي گارڊن کي امتحاني مرڪزن ٻاھر ۽ مک گذرگاھن تي امان برقرار رکڻ لاءِ مقرر ڪيو ويو. اميدوارن جي سهولت لاءِ مرد ۽ عورتن لاءِ الڳ امتحاني مرڪز قائم ڪيا ويا، جڏهن ته ٽيسٽ دوران سڀ ضروري اسٽيشنري يونيورسٽيءَ فراهم ڪئي ته جيئن برابري ۽ شفافيت برقرار رکي سگھجي. وائيس چانسلر ڊاڪٽر مري انتظامن تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته يونيورسٽي پهرين مرحلي جي ٽيسٽ وانگر هن ڀيري به منصفاڻو، شفاف ۽ پرامن امتحاني عمل يقيني بڻايو ويو. ھن چيو ته اسان هر ممڪن قدم کنيا ته جيئن سڀني اميدوارن لاءِ آرامده ۽ محفوظ ماحول مهيا ڪري سگهجي. ھن سڀني ڪنوينرن ۽ سندن ميمبرن جي همت، محنت ۽ ٽيم ورڪ جي تعريف ڪئي، جن پنھنجي ڪم کي بھتر انتظام ذريعي مڪمل ڪيو. واضح رھي ته سنڌ يونيورسٽي ۾ تعليمي سال 2026 تحت بيچلرس ڊگري پروگرامن ۾ داخلائن لاءِ ورتل پري انٽري ٽيسٽ جا ٻئي مرحلا مڪمل ٿي ويا. واضح رھي ته ٻنھي فيزن ۾ 15607 شاگردن ۽ 5011 شاگردياڻين سميت مجموعي طور 20618 اميدوارن ٽيسٽ ڏني، جڏھن تہ مختلف 72 شعبن ۾ ڪل سيٽن جو تعداد 11000 کان وڌيڪ ٻڌايو ويو آھي.

اپنا تبصرہ بھیجیں