ڊائريڪٽر هيلٿ لاڙڪاڻو ڊويزن ڊاڪٽر عبدالستار شيخ چانڊڪا اسپتال پهچي ڪجهه ڏينهن اڳ رتوديرو رهائشي جنسي ڏاڍائي جو نشانو بڻيل 15 سالا سائره شيخ جي عيادت ڪئي.

لاڙڪاڻو رپورٹ محمد عاشق پٹھان
ڊائريڪٽر هيلٿ لاڙڪاڻو ڊويزن ڊاڪٽر عبدالستار شيخ چانڊڪا اسپتال پهچي ڪجهه ڏينهن اڳ رتوديرو رهائشي جنسي ڏاڍائي جو نشانو بڻيل 15 سالا سائره شيخ جي عيادت ڪئي. جتي هن زير علاج متاثرہ ناري جي والد سان ملاقات ڪئي ڪري کيس آٿت ڏيندي چيو ته اسان توهان سان هر موڙ تي گڏ آهيون. هن وڌيڪ چيو ته سائره اوهان صرف هو اسان جي به نياڻي آهي جنهن بهتر کان بهتر علاج لاءِ صحت کاتي جي وزير جي خاص هدايتن بهتر علاج جي سهولت فراهم ڪئي پئي وڃي. ان موقعي تي ڊائريڪٽر هيلٿ ڊاڪٽر عبدالستار شيخ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪجھ ڏينھن اڳ ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سائره شيخ کي چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ آندو ويو،جنهن ابتدائي علاج بعد کيس سرجري لاءِ شيخ زيد وومين اسپتال ۾ منتقل ڪيو ويو. جتي ماهر ڊاڪٽرن طرفان سائره شيخ جي سرجري ڪئي وئي، جنهن بعد هن کي وارڊ ۾ منتقل ڪيو ويو آهي، جتي متاثره نياڻي سائره جي حالت سڌرندڙ آهي. هن وڌيڪ چيو ته صحت کاتي جي هدايتن اسپتال نياڻي سائره جي عيادت ۽ سندس والد سان هر ممڪن سهڪار ڪرڻ جي يقين دهاني ڏني آهي. هن چيو ته سائره شيخ سان پيش آيل افسوس ناڪ واقعي جي جيتري مذمت ڪجي گهٽ آهي، پوليس واقعي ۾ ملوث جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي.
==============================

اپنا تبصرہ بھیجیں