آمريڪا ۽ ڊنمارڪ مان ڌار ڌار پرڏيهي سياحن جو وفد سنڌ جي قديم ماڳ موهن جو دڙو جو دورو ڪيو.پرڏيهي وفد ماڳ گهمي ڏٺو


لاڑکانہ( رپورٹ عاشق پٹھان)آمريڪا ۽ ڊنمارڪ مان ڌار ڌار پرڏيهي سياحن جو وفد سنڌ جي قديم ماڳ موهن جو دڙو جو دورو ڪيو.پرڏيهي وفد ماڳ گهمي ڏٺو.جڏھن ته پرڏيهي وفد اسٽوپا گريٽ باٿ ڊي ڪي ايريا جا تهذيبي آثار ۽ ميوزيم گهمي ڏٺا.جڏھن ته موهن جو دڙو جو ڪيوريٽر احسان عباسي پاران آمريڪا ۽ ڊنمارڪ وفد جو استقبال ڪيو.پرڏيهي وفد کي مقرر گائيڊ جاويد شيخ تاريخ ۽ تهذيب بابت تفصيلي بريفنگ به ڏني وئي.ان موقعي تي

آمريڪا ۽ ڊنمارڪ جي وفد جو چوڻ ھو ته موهن جو دڙو جي تهذيب دنيا جي وڏي تهذيب آهي.هنن چيو تہ قديم زماني جا ماڻهون وڏا ذهين ۽ ڪاريگر هيا جن انساني تهذيب جو بنياد رکيو.جنهن تي دنيا کي فخر ڪرڻ گهرجي.هنن چيو ته اسان موهن جو دڙو انتظاميه جو شڪريو ادا ڪيون ٿا جنهن اسان کي موهن جو دڙو جي تاريخ تهذيب بابت ڄاڻ ڏني ۽ اسان کي پنهنجي ثقافت جي تحفن سان نوازيو.هوڏانهن پرڏيهي وفد جي سيڪيورٽي سخت ڪئي وئي هئي.

اپنا تبصرہ بھیجیں