
ٺٽو(علي گوهر قمبراڻي) سماجي تنظيم انڊس آرٿ ٽرسٽ پاران پاڪستان پاوارٽي ايليويشن فنڊ PPAF جي تعاون سان يونين ڪائونسل ڏوماڻي جي ڳوٺ امام بخش برفت ۾ عورتن تي تشدد تي هڪ ڏينهن وارو ورڪشاپ منعقد ڪيو ويو، جنھن ۾ سوشل ويلفيئر جي ڊپٽي ڊائريڪٽر خدابخش بھراڻي، انڊس ارٿ ٽرسٽ جي جنرل مينيجر ڊاڪٽر عبداللہ راڄپر، نديم منصور جمالي، طفيل ميمڻ، شوڪت زئور، شمع برفت، ڳوٺاڻي تنظيم جي صدر ريشمان برفت، غلام نبي چوھاڻ سميت عورتن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي منعقد ڪيل ورڪشاپ کي خطاب ڪندي شوشل ويلفير کاتي ٺٽي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر خدابخش بھراڻي چيو تہ اڄ جي دور ۾ عورت آزاد ناھي، ھن ڳوٺ جون ڪجھہ نياڻيون پڙھيل آھن، جن جي محنت ڏسي ڏاڍي خوشي ٿي آھي، انھن ڇوڪرين پڻ ھي وڏو ورڪشاپ ڪرايو آھي، جن کي جس ڏيان ٿو تہ انھن اڌڙين کي جن پنھنجون نياڻيون پڙھايون آھن، اڄ اھي نياڻيون پنھنجي مقام تي پھتل آھن، ھن چيو تہ اسان بہ چاھيون ٿا تہ اسان جو معاشرو لکيل پڙھيل ھجي، ھن ڳوٺ جي عورتن
جي آزادي پڻ مونکي متاثر ڪيو آھي، ھن ڳوٺ جون عورتون ڪاروبار ۽ پنھنجا حق وٺي ڄاڻن ٿيون، خطاب ڪندي شمع برفت چيو تہ اسان انڊس ارٿ ٽرسٽ جا شڪرگذار آھيون، جن اسان جي ڳوٺ ۾ ڪم ڪري رھيا آھن، اسان کي پڻ ھن معاشري ۾ ڪم ڪرڻ جي آزادي آھي، مرد ۽ عورت جڏھن پاڻ ۾ گڏجي ڪم ڪندا تہ اسان ترقي ڪري سگھنداسين، ھن چيو تہ اسان ڪڏھن ڪچو فصل لڻيو آھي يا ڪچو دلو خريد ڪيو آھي، جڏھن تہ ننڊي عمر ۾ ڇوڪري جي شادي ڪرائي وڃي ٿي، جنھن عمل کي روڪڻ گھرجي، ورڪشاپ کي نديم منصور جمالي، ڊاڪٽر عبداللہ راجپر، طفيل ميمڻ شوڪت زئور ۽ ريشمان پڻ خطاب ڪيو.


