سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاران ڀارتي فورسز جي ظالماڻي عمل جي سخت مذمت


سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاران ڀارتي فورسز جي ظالماڻي عمل جي سخت مذمت
معصوم جانورن تي تشدد درندگي جي بدترين مثال آهي، وزيراعليٰ سنڌ
ڪراچي (04 آڪٽوبر): ٿرپارڪر جي سرحدي ڳوٺ سانوراڻي ۾ ڀارتي بارڊر فورسز جي فائرنگ ۽ تشدد سبب 8 ٻڪريون مري ويون جڏهن⁠ته درجنين سخت زخمي ٿي پيون. ڀارتي فورسز معصوم جانورن تي نه رڳو فائرنگ ڪئي پر لوهه جي ڄارن سان به حملو ڪيو جنهن سبب ڪيترين ٻڪرين جا ٽنگون ۽ ريڙهه جون هڏيون ٽٽي ويون. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه واقعي جي سخت مذمت ڪندي چيو ته اهو درندگي جي بدترين مثال ۽ انسانيت جي منهن تي طمانچو آهي. هن چيو ته ڀارتي فورسز جو اهو عمل امن جي اصولن ۽ بين الاقوامي قانونن جي صريح ڀڃڪڙي آهي. وڏي وزير جي هدايت تي لائيو اسٽاڪ کاتي جي ٽيم فوري طور متاثر ڳوٺ پهتي جتي ڊاڪٽرن زخمي جانورن جو علاج ڪيو. ترجمان وزيراعليٰ موجب، لائيو اسٽاڪ جي ٽيم اڃا تائين واقعي واري هنڌ موجود آهي ۽ زخمي جانورن جي سار سنڀال جاري آهي. وزيراعليٰ سنڌ لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي ته متاثر مالڪن کي هر ممڪن مدد فراهم ڪئي وڃي ۽ علاقائي صورتحال جي لڳاتار نگراني ڪئي وڃي. سيد مراد علي شاهه چيو ته حڪومت سنڌ متاثر مالڪن سان گڏ آهي ۽ جانورن جي تحفظ ۽ ڀلائي لاءِ هر ممڪن قدم کنيا پيا وڃن. هن وڌيڪ چيو ته وفاقي حڪومت کي اها سفارش ڪئي ويندي ته معاملو سفارتي سطح تي اٿاريو وڃي جيئن مستقبل ۾ اهڙن واقعن جي روڪٿام ٿي سگهي.
عبدالرشيد چنا
ميڊيا ڪنسلٽنٽ، وزيراعليٰ سنڌ

اپنا تبصرہ بھیجیں