
رپورٹ عاشق پٹھان لاڙڪاڻو پوليس مقابلي ۾ ڏوهاري کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري هٿيار هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. ان حوالي سان ايس ايس پي لاڙڪاڻو احمد فيصل چوڌري ٻڌايو ته علي گوهر آباد ٿاڻي جي حد گھاڙ واهه واري علائقي ۾ گشتي پوليس ۽ ڏوهاري آمهون سامهون ٿيا، جتي مقابلي دوران ٻنهي طرف کان فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ پوليس هڪ ڏوهاري کي زخمي حالت ۾ پسٽل سميت گرفتار ڪري ورتو آهي. ايس ايس پي وڌيڪ ٻڌايو ته زخمي حالت ۾ گرفتار ٿيل ڦورو جي سڃاڻپ پير شير جي رهواسي عذير عرف عدنان جتوئي جي نالي سان ٿي آهي، شروعاتي ڄاڻ موجب گرفتار ڏوهاري سنگين نوعيت جي ڏوهن ۽ ڪيسن ۾ ملوث آهي، جنهن کان وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.


