
**ڪراچي ۾ رائيڊ هيلنگ سروسز هڪ نظام هيٺ آندل ويندي: شرجيل**
**12 جولاءِ 2025**
ڪراچي: سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ اعلان ڪيو آهي ته صوبائي حڪومت ڪراچي ۾ سڀئي رائيڊ هيلنگ سروسز کي هڪ مربوط نظام هيٺ آڻڻ لاءِ ڪم ڪري رهي آهي. انهن چيو ته هن قدم جو مقصد شهرين کي محفوظ، معياري ۽ قانوني ٽرانسپورٽ سھوليتون مهيا ڪرڻ آهي.
**الڪٽرڪ گاڏين جي ٽيڪسي سروس**
وزير چيو ته ڪراچي ۾ الڪٽرڪ گاڏين (EV) جي ٽيڪسي سروس متعارف ڪرائڻ تي به ڪم جاري آهي، جيڪا نہ رڳو شهر جي ٽرانسپورٽ نظام کي بهتر بڻائيندي، پر ماحولياتي آلودگي کي گھٽائڻ ۾ به اهم ڪردار ادا ڪندي. ميٽنگ ۾ عوام کي آسان قسطن تي الڪٽرڪ گاڏيون مهيا ڪرڻ جي ماڊلن تي به غور ڪيو ويو.
حڪومت جي هن قدم سان اميد ڪئي وڃي رهي آهي ته ڪراچي جو ٽرانسپورٽ نظام جديد ۽ شهرين لاءِ وڌيڪ مؤثر ٿي ويندو.


