اڄ سخت برساتن سبب ميرپورخاص، شهيد بينظيرآباد، ٿرپارڪر، خيرپور، لاڙڪاڻو، ٺٽو، بدين، سجاول، حيدرآباد، دادو ۽ ڪراچي جا نشيبي ۽ سامونڊي علائقا پاڻي هيٺ اچڻ جو خدشو آهي. حب ڊيم ۾ به پاڻي جي سطح وڌي سگهي ٿي. ان دوران سنڌ ۽ پنجاب جا ٻوڏ متاثر علائقا وڌيڪ برساتن سبب وڌيڪ مشڪل صورتحال کي منهن ڏئي سگهن ٿا۔
ڊيره غازي خان ۽ ڀرپاسي بلوچستان جا اوڀر/ڏکڻ علائقا ۽ ڪيرٿر جبلن (دادو) جا برساني نالا ۽ مقامي وهڪرا طغياني جو شڪار ٿي سگهن ٿا۔ اڄ رات ۽ 10 سيپٽمبر تائين لسبيلا، پسني، اورماڙا، اواران ۽ مڪراني سامونڊي پٽي جا نشيبي علائقا به پاڻي هيٺ اچڻ جو خدشو آهي۔
ڀاري برساتن، آندين، بجلي جي چمڪ ۽ طوفاني هوائن سبب روزمره جا معاملا متاثر ٿي سگهن ٿا. ڪمزور ڍانچو (ڪچا گهر، ڀتيون، بجلي جا کُمبا، بلبورڊ، گاڏين جا سولر پينل وغيره) کي نقصان جو خطرو آهي۔ مسافرن ۽ سياحن کي خاص احتياط ڪرڻ، سفر جو منصوبو موسمي حالتن مطابق ٺاهڻ ۽ ڪنهن به ناخوشگوار صورتحال کان بچڻ لاءِ موسمي ڄاڻ حاصل ڪرڻ جي صلاح ڏني وئي آهي۔
منڱل تي سنڌ، ڏکڻ پنجاب ۽ اتر اوڀر/ڏکڻ بلوچستان ۾ تيز هوائن ۽ آندين سان گڏ برسات جڏهن ته ڪٿي ڪٿي تيز موسلادار برسات جي اميد آهي۔ بعد دوپهر پنجاب اتر اوڀر، خيبرپختونخوا، گلگت بلتستان ۽ ڪشمير ۾ جزوي ابراڪاڻ ۽ ڪجهه هنڌن تي تيز هوائن ۽ گرج چمڪ سان گڏ برسات ٿي سگهي ٿي۔
اربع تي ڏکڻ بلوچستان ۽ هيٺين سنڌ ۾ تيز هوائن ۽ گرج چمڪ سان گڏ برسات جڏهن ته ڏکڻ بلوچستان ۾ سخت موسلادار برسات جو امڪان آهي۔ ان دوران پنجاب اتر اوڀر، ڪشمير ۽ ڀرپاسي جبلن ۾ جزوي ابراڪاڻ ۽ ڪجهه هنڌن تي برسات جو امڪان آهي۔


