
ٺٽو(رپورٽ علي گوهر قمبراڻي) گھارو جي ڪچي آبادي لڳ گھارو ڪريڪ تي ملاحن جي تڙن تي بااثر ماڻھن پاران غيرقانوني قبضا ڪري ڪيل اڏاوتن بعد ملاح برادري پاران ڪيل احتجاج توڙي ٽائون ڪميٽي گھارو جي چيئرمين ڄام احسان جوکيو کي ڏنل آگاھي بعد ڄام احسان جوکيو پاران سرزمين جو جائزو وٺڻ لاء امين مقرر ڪري کين ھدايت ڪئي تہ ھو سرزمين جو جائزو وٺي کيس رپورٽ پيش ڪن، جنھن جي آڌار تي فيصلو ڪري ملاحن
کي پنھنجو حق ڏياريو ويندو. جنھن بعد مقرر ڪيل امينن وڏيرو ڪمال جوکيو، حاجي مقصود جوکيو، ملاح اڳواڻ ڏاڏا آدم گندرو، پير سڪندر شاھ، علي حسن پارھيڙي ۽ ٻين پاران سرزمين تي پھچي ٿيل قبضي توڙي اڏاوتن جو جائزو ورتو، جيڪي ڄام احسان جوکيو کي رپورٽ پيش ڪندا، جنھن بعد اڄ سومر ڏينھن 4 وڳي ڄام ھائوس گھارو تي ھن معاملي جو نڀيرو ڪيو ويندو. ان موقعي تي اشرف ملاح، ڪامريڊ گل حسن ملاح سميت ملاح برادري جا ماڻھون وڏي تعداد ۾ موجود ھئا.
=======================


