
پرويز مشرف جي ٽين ورسي خاموشي سان گذري وئي
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي فوجي صدر ۽ آرمي چيف پرويز مشرف جي ٽين ورسي خاموشي سان گذري وئي، سندس لاڏاڻي جي حوالي سان ڪا به تعزيتي گڏجاڻي يا ڪو بيان سامهون ناهي آيو. ياد رهي ته پرويز مشرف 2018ع کان ايميلوڊوسس ۾ مبتلا هو، دبئي جي آمريڪي اسپتال ۾ علاج دوران فوت ٿي ويو هو.


