ڪراچي( )واٽر ڪارپوريشن جي ترجمان چيو آهي تہ ڪياليڪٽرڪ پاران بار بار ٿيندڙ بجلي جي بريڪ ڊائون ۽ ڪيبل فالٽن سبب شهر ۾ پاڻي جي فراهمي سخت متاثر ٿي رهي آهي. ترجمان موجب ڌاٻيجي، پپري ۽ حب جهڙن وڏن پمپنگ اسٽيشن سميت شهر جي مختلف ڊسٽريبيوشن پمپنگ اسٽيشنز بہ بجلي جي مسلسل بندش سبب سخت متاثر آهن. ڪيترن ئي پمپنگ اسٽيشنز تي ڪيبل فالٽ سبب بجلي جي فراهمي معطل ٿي وئي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ اهم پمپنگ اسٽيشنز جي فيڊرن تي بجلي جي سپلائي بار بار متاثر ٿي رهي آهي. ھن جو چوڻ هو تہ بجلي جي لڳاتار بندش سبب ڪراچي کي هن وقت تائين لڳ ڀڳ 200 ملين گيلن پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏيڻو پيو آهي، جنهن جي ڪري سڄي شهر ۾ پاڻي جي فراهمي سخت متاثر ٿي رهي آهي. ترجمان وڌيڪ ٻڌايو تہ هن صورتحال جي ڪري پورٽ قاسم، بن قاسم ٽائون، لانڍي، ڪورنگي، شاھ فيصل ٽائون، لياقت آباد ٽائون، چنيسر ٽائون، پي اين ايس مهران، پي اي ايف بيس فيصل، ڪارساز، ناظم آباد ۽ نيو ڪراچي سميت ڪيترائي اهم علائقا پاڻي جي فراهمي ۾ کوٽ سان متاثر ٿي رهيا آهن. واٽر ڪارپوريشن جي عملدارن واضح ڪيو آهي تہ ادارو صورتحال تي لڳاتار نظر رکي رهيو آهي ۽ ڪياليڪٽرڪ جي انتظاميا سان مسلسل رابطي ۾ آهي تہ جيئن بجلي جي فراهمي جلد کان جلد بحال ٿي سگهي ۽ شهرين کي وڌيڪ پاڻي جي کوٽ کان بچائي سگهجي
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
https://sports.jeeveypakistan.com/Jeevey Pakistan Sports Website


