
ڪراچي (12 آگسٽ): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سندس حڪومت يونيسيف ۽ يو ايس ايڊ جي اهم سهڪار سان صوبي ۾ غذائي کوٽ ۽ اسٽنٽنگ کي منهن ڏيڻ لاءِ پنهنجي عزم کي ورجايو آهي. هن اها ڳالهه سومر ڏينهن پورٽ قاسم تي يونيسيف جي ويئرهائوس ۾ آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم پاران يونيسيف کي آر يو ٽي ايف حوالي ڪرڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي چئي. تقريب ۾ صحت واري صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو، بي ايڇ اي جي ڏکڻ ۽ وچ ايشيا جي ريجنل ڊائريڪٽر مس ايوانا ووڪو، يو ايس قونصل جنرل ڪراچي ڪونارڊ ٽرائبل، يو ايس ايڊ جي مشن ڊائريڪٽر ڪيٽ سوم وانگسري، يونيسيف جو نمائندو عبدالله فادل، سيڪريٽري صحت ريحان بلوچ ۽ ٻين شرڪت ڪئي. وڏي وزير 2022ع جي تباهي واري ٻوڏ سبب درپيش چيلينجز کي منهن ڏيڻ ۾ عالمي ڀائيوارن جي اهم ڪردار کي ساراهيو. مراد علي شاهه چيو ته يونيسيف ادارو بريسٽ فيڊنگ ايڪٽ تي نظرثاني ۽ ان کي اختيار ڪرڻ، انساني ۽ ملٽي سيڪٽرل تعاون کي وڌائڻ ۽ ڏکين علائقن ۾ غذائي سهولتون فراهم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. هن چيو ته ٻاهرين ٽيمن ذريعي يونيسيف غذائي کوٽ جي جلد سڃاڻپ ۽ سندس علاج جي سهولت فراهم ڪندي قليل مغذي جو خاتمو آندو آهي. هن وڌيڪ چيو ته يونيسيف پيپلز پرائمري هيلٿ ڪيئر انيشيٽو (پي پي ايڇ آءِ) ۽ ٻين
سول سوسائٽي پارٽنر کي آر يو ٽي ايف علاج فراهم ڪيو آهي جيڪي سنڌ ۾ غذائي کوٽ خلاف جنگ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. وڏي وزير يو ايس ايڊ جي وسيع سهڪار خاص طور تي گڏيل صحت، غذائيت، پاڻي، صفائي سٿرائي ۽ صحت (WASH) ۽ تحفظ جي خدمتن لاءِ يونيسيف کي مالي مدد جي فراهمي جو پڻ اعتراف ڪيو. ياد رهي ته يو ايس ايڊ سنڌ ۾ غذائي کوٽ جي شڪار ٻارن لاءِ 4.4 ملين ڊالر يعني 12.2 ارب روپين جي ماليت جا 98500 ڪارٽن RUTF فراهم ڪيا آهن. وڏي وزير ايس ايڊ ۽ يونيسيف جو شڪريو ادا ڪيو ته کين مسلسل ڀائيواري جيڪا صوبي ۾ عورتن ۽ ٻارن جي صحت ۽ غذائي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي. هن پنهنجي سالياني ترقياتي پروگرام ۾ مختص مالي مدد سان ملٽي سيڪٽرل قدمن، ڪميونٽي جي شموليت ۽ سماجي تحفظ جي پروگرامن ذريعي غذائي کوٽ کي منهن ڏيڻ لاءِ پنهنجي عزم کي ورجايو. وڏي وزير يونيسيف کي صحت، واش، ٻارن جي تحفظ ۽ تعليم سميت مختلف شعبن ۾ اسٽريٽجڪ پارٽنر طور ساراهيو. هن صوبي کي درپيش ڪيترن ئي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ جاري تعاون جي اهميت تي زور ڏنو. وزير صحت ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو خاص طور تي بريسٽ فيڊنگ (بي ايم ايس) ايڪٽ تي عملدرآمد جي حوالي سان ۽ RUTF ۽ ملٽي پل مائڪروونٽرينٽ سپليمنٽس (MMS) لاءِ عوامي فنڊز مختص ذريعي صوبي جي غذائي ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ ۾ پڻ تسليم ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت غذائي کوٽ جو شڪار ٻارن لاءِ غذائي سهولتن کي سمورن ضلعن تائين پهچايو آهي جيڪو انهن خدمتن کي پرائمري هيلٿ ڪيئر سسٽم ۾ ضم ڪرڻ جي عزم کي اجاڳر ڪري ٿو. يونيسيف جي نمائندي عبدالله فادل چيو ته سنڌ ۾ ننڍڙن ٻارن ۽ ٻارن کي فيڊنگ (IYCF) جا طريقا بهترين آهن. ابتدائي شروعات ۽ خاص کير پيارڻ جي شرح فقط 48 سيڪڙو ۽ ترتيبوار 52.3 سيڪڙو آهي. 6 کان 23 مهينن جي ٻارن لاءِ گھٽ ۾ گھٽ غذائي يڪسانيت ۽ تسليم شده خوراڪ فقط 12.6 سيڪڙو ۽ 2.2 سيڪڙو آهي، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته سنڌ ۾ ڄاڻايل عمر جي 98 سيڪڙو کان وڌيڪ ٻار مناسب غذائيت کان محروم آهن. تقريب دوران سنڌ حڪومت جي اهم ڪاميابين جو اعتراف ڪيو ويو، جنهن ۾ سنڌ پروٽيڪشن اينڊ پروموشن آف بريسٽ فيڊنگ اينڊ ينگ چائلڊ نيوٽريشن ايڪٽ 2023 ۽ 2024-2025 لاءِ ملٽي سيڪٽرل غذائي انٽروينشنز لاءِ رکيل 5.9 ارب رپيا شامل آهن. ابتدائي چائلڊ هوڊ ڊولپمينٽ (ECD) ۽ غذائيت لاءِ ملٽي سيڪٽرل ڪوآرڊينيشن پليٽ فارم جو قيام، بينظير ڊولپمينٽ پروگرام جو آغاز، ايف سيز111 ۽ ايف سيز 35 موبائل ۾ غذائي کوٽ جو اقدام ۽ ڳورهاري عورتن لاءِ آئرن فولڪ ايسڊ جي ملٽي پل سپليمينٽيشن مائڪرو نيوٽرينٽس شامل آهن. تقريب، سنڌ حڪومت جي ان عزم کي ورجائيندي پڄاڻي تي پهتي ته هو پنهنجي شهرين لاءِ هڪ صحت مند ۽ بهتر خوشحال مستقبل لاءِ بين الاقوامي ڀائيوارن سان سهڪار کي وڌائيندي.
عبدالرشيد چنا
ميڊيا ڪنسلٽنٽ، وزيراعليٰ سنڌ


