
جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي پريس رليز 21 جنوري 2025
جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي (جي ايس ايم يو) جي ڪوالٽي انهانسمنٽ سيل (ڪيو اي سي) شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي تعليمي سال 2022-2023 لاءِ هائر ايجوڪيشن ڪميشن (ايڇ اي سي) جي ڪوالٽي ايشورنس ايجنسي (ڪيو اي اي) مان 84.78 سيڪڙو جا نمايان اسڪور حاصل ڪيا. اها ڪاميابي جي ايس ايم يو جي تعليمي معيار ۽ شاندار ڪارڪردگي جي مسلسل وابستگي جو ثبوت آهي، جيڪا يونيورسٽي کي ملڪ جي بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ يونيورسٽين ۾ شمار ڪري ٿي.
وائس چانسلر پروفيسر امجد سراج ميمڻ ان اهم ڪاميابي تي خوشي جو اظهار ڪندي چيو ته ”اها ڪاميابي اسان جي اداري جي تعليمي معيار ۽ مسلسل ترقي جي عزم جي عڪاسي ڪري ٿي، مان ڪيو اي سي ٽيم، فيڪلٽي ۽ سينيئر مينيجمينٽ جي اڻٿڪ محنت تي کين مبارڪباد پيش ڪيان ٿو.“
ڊائريڪٽر ڪيو اي سي، ڊاڪٽر عبدالواحد عثمان چيو ته ”ايڇ اي سي طرفان اهو اعتراف اسان جي اداري جي تعليمي معيار کي برقرار رکڻ جي عزم جو ثبوت آهي، اها ڪاميابي اسان سڀني لاءِ تحريڪ جو ذريعو آهي ته اسان تعليم جي معيار کي وڌيڪ بهتر ڪيون.“
اها نمايان ڪاميابي ڪيو اي سي ٽيم، فيڪلٽي ۽ سينيئر قيادت جي اجتماعي محنت جو نتيجو آهي ۽ جي ايس ايم يو جي عزم کي اجاڳر ڪري ٿي ته هو پاڪستان ۾ طبي تعليم جي معيارن کي وڌيڪ بلند ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو.


