پرسچوللا مسڪين ماڻھن جي خدمت ڪرڻ پنهنجي عبادت سمجهندو آھيان،دوستن جي تعاون سان غريب ماڻھن تائين ڪجه نه ڪجه شيون وٺي پهچائيندو آھيان،جنهن ۾ بيواه عورتن جي خدمت،نياڻين جو ڏاج،نلڪو لڳرائڻ،گهر ٺھرائي ڏيڻ سميت ٻيون ضروري شيون وٺي ڏيڻ تائين انهن وٽ پهچائيندو آھيان،

لاڑکانو رپورٹ محمد عاشق پٹھان پرسچوللا مسڪين ماڻھن جي خدمت ڪرڻ پنهنجي عبادت سمجهندو آھيان،دوستن جي تعاون سان غريب ماڻھن تائين ڪجه نه ڪجه شيون وٺي پهچائيندو آھيان،جنهن ۾ بيواه عورتن جي خدمت،نياڻين جو ڏاج،نلڪو لڳرائڻ،گهر ٺھرائي ڏيڻ سميت ٻيون ضروري شيون وٺي ڏيڻ تائين انهن وٽ پهچائيندو آھيان،جنهن کان پوء دلي سڪون ملندو آھي.… تعلقي ڏوڪري جو سوشل ورڪر سماجي اڳواڻ صداقت جوڻيجو جون موهن جو دڙو پريس ڪلب ۾ سينئر صحافي جي ايم جهتيال سان ڳالھ ٻولھ تعلقي ڏوڪري جو سماجي سوشل ورڪر نوجوان صداقت علي جوڻيجو جنهن جو تعلق ڏوڪري سان آهي هو پنهنجي مدد پاڻ تحت ڏکي انسانيت جي خدمت ۾ ڏينهن رات ڪوشان رهي ٿو.هو سوشل ميڊيا جي توسط سان مجبور ۽ نادار ماڻهن جي مسئلن کي اجاگر ڪري ٿو ۽ موٽ ۾ صاحبِ حيثيت ۽ مُخَير ماڻهن جي طرفان ٿيندڙ مالي سهائتا ۽ عطيا ضرورتمند ماڻهن جي گهر ۽ در پهچائي سندن دردن جو درمان ڪري ٿو.سندس اهيو عمل قابلِ تحسين آهي جنهن جي جيتري به تعريف ڪجي اها گھٽ آهي.ان موقعي تي سوشل ورڪر نوجوان سماج سيوڪ صداقت جوڻيجو موهن جو دڙو پريس ڪلب ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو آھي ته مان هي ڪم گذريل 7 سالن کان ڪري رهيو آهيان.جنهن جو مقصد خالق کي راضي ڪرڻ آهي جنهن سان منهنجي روح کي سڪون ملي ٿو.هن چيو ته الله تعاليٰ هر انسان کان پنهنجي رضا مطابق مختلف رستا ڏيکاري ٿو ۽ مون ناچيز تي ان ٻاجھاري رب جا اڻ ڳڻيا مون مٿان احسان آهن جو هن پنهنجي بندن جي خدمت لاءِ مونکي چونڊيو آهي.هن چيو ته مان ڏکي انسانيت جي خدمت کي عبادت سمجهان ٿو اهيو ئي سبب آهي جو مان پنهنجي زندگيءَ ۾ سڀني ڪمن کان وڌيڪ سماجي ڪم کي وڌيڪ وقت ۽ اهميت ڏيان ٿو.هن چيو ته اڳتي به جهانن جو پالڻهار منهنجي نَصرت ڪندو ته جيئن مان،اڃان وڌيڪ ڏکايل انسانيت جي خدمت ڪري سگھان.هن وڌيڪ چيو ته “مونکي هن سماجي ڀلائيءَ جي ڪم جي عيوض هميشه مونکي ايتريون عزتون، محبتون، مانُ، مڃتائون ۽ دعائون مليون آهن شايد جنهن جي آءُ لائق نه آهيان.هن چيو ته مونکي هن سماجي ڪم جي مڃتا طور مختلف ايوارڊ جنهن ۾ فيس بوڪ فريندس ايوارڊ، محترمه بينظير ڀٽو سنڌ راڻي ايوارڊ، صوفي ويلفيئر ٽرسٽ طرفان ايوارڊ ۽ سگھڙن جي تنظيم طرفان پڻ ايوارڊ مليا آهن.هن چيو ته پر مان سمجھان ٿو انهن سڀني کان وڏو ايوارڊ انهن مُرجهايل ۽ ضرورتمند ماڻهن جي چهري جي اها مُرڪ ۽ چمڪ آهي جيڪا سندن چهري تي تڏهن ظاهر ٿئي ٿي جڏهن ڪو سندن دردن جو درمان ڪري ٿو.

اپنا تبصرہ بھیجیں