صوبائي وزير منصوبابندي ۽ ترقي سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته سنڌ حڪومت جو ايس آر ايس او تحت هلندڙ ڪنهن به منصوبي کي ختم ڪرڻ جو ڪو به ارادو ناهي ۽ نه ئي ختم ٿي رهيو آهي

صوبائي وزير منصوبابندي ۽ ترقي سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته سنڌ حڪومت جو ايس آر ايس او تحت هلندڙ ڪنهن به منصوبي کي ختم ڪرڻ جو ڪو به ارادو ناهي ۽ نه ئي ختم ٿي رهيو آهي، پر هو پنهنجي ذميواري وڌائي رهي آهي ۽ غربت جي خاتمي جي پروگرام کي سڄي سنڌ جي شهري ۽ ٻهراڙي وارن علائقن تائين وڌائي رهي آهي.اهڙي خيالن جو اظهار آرٽس ڪائونسل ۾ سنڌ رورل سپورٽ آرگنائيزيشن (ايس آر ايس او) ۽ سنڌحڪومت جي سهڪار هڪ پروگرام ۾ صدارتي خطاب ڪندي سيد ناصر حسين شاهه چيو ته هي جاري پروگرام شهيد بينظير ڀٽو جو خواب هو. هن پروگرام کي صدر آصف علي زرداري جي مڪمل حمايت حاصل هئي. هن چيو ته هي پروگرام سنڌ جي 17ضلعن ۾ جاري آهي.هاڻي هن پروگرام کي سڄي صوبي ۾ وڌايو پيو وڃي.هن چيو ته ڪنهن ٻئي صوبي ۾ عورتن کي بااختيار بڻائڻ جو ڪو به پروگرام ناهي. هن پروگرام جي ڪاميابي جو ڪريڊٽ انهن عورتن کي وڃي ٿو.هي پروگرام هاڻي سنڌ جي 29 ضلعن ۾ شروع ڪيو پيو وڃي.سيد ناصر حسين شاهه چيو ته هاڻي اسان عورتن کي ڏنل قرض جي رقم 1.5 ملين تائين وڌائي رهيا آهيون. اسان هن پروگرام کي جاري رکنداسين. غربت جي خاتمي جو هي پروگرام صرف پيپلز پارٽي وٽ آهي. سيد ناصر حسين شاهه اعلان ڪيو ته سنڌ حڪومت ڳوٺن ۾ بجلي لاءِ مني گرڊ اسٽيشن ٺاهيندي.غريب ترين ماڻهن کي مفت شمسي بجلي ڏني ويندي، جڏهن ته ٻين کي 10 رپيا في يونٽ چارج ڪيو ويندو.پروگرام کي ايس آر ايس جي چيئرپرسن ناهيد شاهه دراني ۽ سي اي او محمد بتل ڪلهوڙو پڻ خطاب ڪيو. سنڌ اسيمبلي جي ميمبر ۽ پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي قاسم سراج سومرو، چيئرمين پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ پڻ پروگرام ۾ شرڪت ڪئي. ڇهن ضلعن ميرپورخاص،خيرپورميرس،ٺٽو،شڪارپور،سانگهڙ،عمرڪوٽ۽ بدين مان 4 سئو عورتن ايس آر ايس او پروگرام ۾ حصو ورتو.

اپنا تبصرہ بھیجیں