سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه معذورن جي عالمي ڏينهن 2024 جي موقعي تي هڪ خاص تقريب ۾ شموليت ۽ بااختيار بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو


ڪراچي (3 ڊسمبر): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه معذورن جي عالمي ڏينهن 2024 جي موقعي تي هڪ خاص تقريب ۾ شموليت ۽ بااختيار بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. معذور ماڻهن جي بااختيارگي واري کاتي (DEPD) پاران هلندڙ سال جي عنوان ”جامع ۽ پائيدار مستقبل لاءِ معذور ماڻهن جي قيادت کي وڌائڻ“ تحت ڪوٺايل تقريب ۾ ترقي، قابليت ۽ ليڊرشپ کي اجاڳر ڪيو ويو. تقريب ۾ معزز جن ۾ مشهور شخصيتن جهڙوڪ حسيب خان، مارون لوبو، تابش شهزاد، رونق لاکاڻي، رچرڊ گيري ۽ ذڪريا گوڊل سان گڏوگڏ معذور ماڻهن جي خاندانن شرڪت ڪئي. سيڪريٽري ڊي اي پي ڊي طحٰه فاروقي سنڌ حڪومت جي صحت، تعليم، تربيت، روزگار ۽ بحالي جي شعبن ۾ ڪيل قدمن تي زور ڏنو ۽ ٻارن ۽ معذور ماڻهن جي ڀلائي لاءِ وڏي وزير جي مثالي ڪردار کي ساراهيو. تقريب ۾ سرڪاري عملدارن، خانگي شعبي جي نمائندن ۽ معذور ماڻهن شرڪت ڪئي. وڏي وزير زور ڀريو ته سندس حڪومت معذورن کي برابري جا موقعا فراهم ڪرڻ جي حوالي سان بهتري ڪم ڪيو آهي. هن صحت، تعليم، ووڪيشنل ٽريننگ، روزگار ۽ بحاليءَ جي شعبن ۾ مختلف قدمن بابت ڳالهائيندي جامع مرڪز ٺاهڻ لاءِ خانگي ادارن سان تعاون جي اهميت تي زور ڏنو. هن چيو ته حقيقي شموليت فقط شموليت بابت ناهي بلڪه ليڊرشپ جي باري ۾ آهي. ۽ وڌيڪ چيو ته اسان جو ويزن هڪ اهڙو سنڌ آهي جتي معذور ماڻهن کي بااختيار بڻايو وڃي جيئن فيصلو وٺڻ ۽ ڀاڱي ڀائيواري هجي، هڪ اهڙو سماج جوڙيو وڃي جتي هر فرد جي منفرد صلاحيت جي قدر هجي. تقريب ۾ معذور ٻارن پاران پرفارمنس پيش ڪئي وئي جنهن ۾ سندن غير معمولي صلاحيتن جو مظاهرو ڪيو ويو. خاص مهارتن جا تربيتي پروگرام مڪمل ڪندڙن نوجوانن کي سرٽيفڪيٽ پڻ ڏنا ويا. وڏي وزير سمورن شعبن، خانگي ۽ سول سوسائٽي تي زور ڏنو ته هو متحد ٿين ته جيئن معذور ماڻهن لاءِ سازگار ماحول پيدا ٿئي. شموليت ڪو استحقاق نه آهي اهو هڪ بنيادي انساني حق آهي. هن چيو ته گڏجي هڪ اهڙو صوبو ٺاهيون جتي ڪوبه پوئتي نه رهجي. شرڪت ڪندڙن شموليت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ وڏي وزير جي عزم کي ساراهيو ته سندس لفظ هڪ اهڙي سنڌ لاءِ آهن جتي هر ڪو گڏجي خوشيون ملهائي ۽ سڀني شهرين لاءِ موقعا موجود هجن. تقريب جي پڄاڻي ان عزم سان ڪئي وئي ته شموليت جي ان سفر ۾ هر ڪنهن لاءِ برابري ۽ پائيدار مستقبل ڏانهن هڪ قدم اڳتي وڌي رهيا آهيون.
عبدالرشيد چنا
ميڊيا ڪنسلٽنٽ، وزيراعليٰ سنڌ

اپنا تبصرہ بھیجیں